سينٽ ڪٽس – 24 جولاءِ (اي پي پي) ويسٽ انڊيز ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنجن ٽي-20 ميچن تي ٻڌل سيريز جو ٽيون ميچ ڇنڇر 26 جولاءِ تي سينٽ ڪٽس ۾ کيڏيو ويندو. آسٽريليا ۾ مردن جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم ويسٽ انڊيز جي دوري تي آھي جتي ٽيم ميزبان ٽيم خلاف 3 ٽيسٽ ۽ 5 عالمي ٽي-20 ميچن جي سيريز کيڏندي. ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ٿي چڪي آھي جڏھن ته ٽي-20 سيريز جون ٻه ميچون ٿي چڪيون آھن جن ۾ مھمان آسٽريلوي ٽيم کي برتري حاصل آھي.  مھمان ڪينگروز جي ٽيم کي ميزبان ويسٽ انڊيز جي ٽيم خلاف ٽي-20 سيريز ۾ 2-0 تان برتري حاصل ٿي چڪي آھي. ٻنھي ٽيمن وچ ۾ ٽيون ٽي-20 ميچ 26 جولاءِ تي سينٽ ڪٽس، چوٿون ٽي-20 ميچ 27 جولاءِ تي سينٽ ڪٽس جڏھن ته پنجون ۽ آخري ٽي-20 ميچ 29 جولاءِ تي سينٽ ڪٽس ۾ ئي کيڏيو ويندو.