مانچسٽر – 22 جولاءِ (اي پي پي) انگلينڊ ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنجن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جو چوٿون ميچ اربع 23 کان 27 جولاءِ تائين ايمريٽس اولڊ ٽريفورڊ، مانچسٽر ۾ کيڏيو ويندو، ميزبان انگلينڊ جي ٽيم کي مھمان ڀارت جي ٽيم خلاف پنجن ميچن جي ٽيسٽ سيريز ۾ 2-1 جي برتري حاصل آھي. انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) مطابق مھمان ڀارت جي ٽيم پنھنجي دوري دوران ميزبان انگلينڊ ٽيم خلاف 5 ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي جنھن مان ٽي ميچون کيڏيون ويون آھن. 5 ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيم جي قيادت بيٽسمين شبمن گل ڪندو جڏھن ته انگلينڊ جي ٽيم جي قيادت مشھور آل رائونڊر بين اسٽوڪس ڪندو. ٻنھي ٽيمن وچ ۾ چوٿين ٽيسٽ ميچ 23 کان 27 جولاءِ تائين ايمريٽس اولڊ ٽريفورڊ، مانچسٽر ۾ کيڏيو ويندو جڏھن ته پنجون ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 21 جولاءِ کان 4 آگسٽ تائين اوول، لنڊن ۾ کيڏيو ويندو.