جميڪا -22 جولاءِ (اي پي پي) ڪيريبين پريمئير ليگ جو تيرهون ايڊيشن 15 آگسٽ کان ويسٽ انڊيز ۾ شروع ٿيندو. سي پي ايل ۾ ڪرڪيٽ جي دنيا جي مختلف ملڪن جا مشهور رانديگر ايڪشن ۾ نظر ايندا. سينٽ لوشيا ڪنگز جي ٽيم گذريل سال فائينل ميچ ۾ گيانا ايميزون واريئرز کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ليگ جو چيمپيئن هجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو هو، جنهن ڪري اها ٽيم ٽائيٽل جو دفاع ڪندي. ليگ ۾ 6 ٽيمون ٽائيٽل لاءِ مقابلو ڪنديون جن ۾ دفاعي چيمپيئن سينٽ لوشيا ڪنگز، گيانا ايميزون واريئرز، اينٽيگوا اينڊ  باربوڊا فالڪنز، سينٽ ڪٽس اينڊ نيوس پيٽرياٽس، بارباڊوس رائلز ۽ ٽرنباگونائٽ رائيڊرز شامل آهن. ليگ ۾ فائينل سميت 34 ميچون کيڏيون وينديون. سي پي ايل جي پهرين ميچ 15 آگسٽ تي اينٽيگوا اينڊ باربوڊا فالڪنز ۽ سينٽ ڪٽس اينڊ نيوس پيٽرياٽس وچ ۾ کيڏي ويندي. ياد رهي ته ڪيريبين پريميئر ليگ جي شروعات 2013ع کان ٿي هئي، ۽ هن وقت تائين 12 ايڊيشن ٿي چڪا آهن، جن ۾ سڀ کان وڌيڪ چار ڀيرا ٽائيٽل ٽرنبا گونائيٽ رائيڊرز جي ٽيم کٽي چڪي آهي. جڏهن ته  جميڪا تلاوا ٽي ڀيرا، بارباڊوس جي ٽيم ٻه ڀيرا ۽ گيانا ايميزون واريئرز، سينٽ ڪٽس اينڊ نيوس پيٽرياٽس ۽ سينٽ لوشيا ڪنگز جي ٽيم هڪ هڪ ڀيرو اهو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو آهي.