اسلام آباد-15 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان حڪومت معيشت جي پائيدار بحالي، گورننس ۾ بهتري ۽ عالمي مارڪيٽن سان اثرائتن رابطن ذريعي هڪ اهڙو معاشي ڍانچو قائم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي جيڪو ترقي جي ثَمرن کي هر طبقي تائين پهچائيندو ۽ ملڪ کي پاڻڀرو ٿيڻ جي راهه تي گامزن ڪندو. وفاقي وزير ناڻي واري وزارت ۾ موڊيز ريٽنگ ايجنسي سان هڪ اهم ورچوئل اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ناڻي بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر، ناڻي وزارت، روينيو ڊويزن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ناڻي واري وزير موڊيز ٽيم کي پاڪستان جي تازي معاشي اڳڀرائي، سڌارن واري حڪمت عملي ۽ مالياتي استحڪام بابت جامع بريفنگ ڏني. هن عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي اسٽينڊ باءِ معاهدي جي ڪامياب پڄاڻي، ٻي قسط جاري ٿيڻ ۽ ريزيلينس اينڊ سسٽين ايبلٽي فيسلٽي (آر ايس ايف) ۾ جاري اڳڀرائيءَ کي اهم سنگ ميل قرار ڏنو، جنهن پاڪستان جي معيشت تي عالمي اعتماد کي بحال ڪيو آهي. ناڻي واري وزير ٻُڌايو ته حڪومت مالياتي نظم و ضبط، روانگي واپار تي ٻَڌل ترقيءَ لاءِ واپاري سڌارا، خرچن ۾ ڪفايت شعاري ۽ ٽيڪسن ۾ واڌ لاءِ ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ جهڙا ڪيترائي سڌارن وارا قدم کنيا آهن. آمريڪا سان ترجيحي واپاري پهچ جي سلسلي ۾ جاري ڳالهين ۾ به هاڪاري اڳڀرائي ٿي رهي آهي. اجلاس ۾ پاڪستان جي عالمي مالياتي مارڪيٽن سان ٻيهر رابطن جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ٿي جن ۾ وچ اوڀر سان هڪ ارب ڊالرن جي ڪمرشل فنانسنگ، پانڊا بانڊ جي جاري ڪرڻ جي تياري ۽ يورو بانڊ سميت ٻين مالياتي ذريعن مان فائدو کڻڻ شامل آهي. ناڻي واري وزير ٻُڌايو ته مهانگائي ۾ گهٽتائي، پاليسيءَ ريٽ ۾ گهٽتائي، ملڪي پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي شرح جو استحڪام، ڪرنٽ اڪائونٽ ۾ سر پلس ۽ ملڪي پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ (جون جي پڄاڻيءَ تائين 14 ارب ڊالرن کان وڌيڪ) ملڪ جي معاشي بحالي جا ٺوس ثبوت آهن. پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻي ۽ روانگي واپار ۾ واڌ به معيشت جي مضبوطي ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد جي علامت آهي. ناڻي واري وزير زور ڀريو ته ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جو تناسب وڌائڻ لاءِ سڌارن کي لاڳو ڪرڻ وزيراعظم جي سڌيءَ ريت نگرانيءَ ۾ ٿي رهيو آهي ۽ حڪومت ٽيڪس نيٽ کي وسعت ڏيڻ، چوري جي روڪٿام ۽ اثرائتي وصولي لاءِ پُرعزم آهي. هلندڙ مالي سال دوران 2 کرب رپين کان وڌيڪ روينيو خودمختيار قدمن ذريعي حاصل ڪيو ويو آهي ۽ ايندڙ ڪجهه سالن ۾ ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جو تناسب 13 کان 13.5 سيڪڙو تائين پهچائڻ جو هدف مقرر آهي. ناڻي واري وزير موڊيز جي سوالن جا جواب ڏيندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومت معاشي سڌارا، نجڪاري، سرڪاري ادارن جي نئين سر جوڙجڪ ۽ حڪومتي نظام جي بهتري جي ايجنڊا تي ثابت قدميءَ سان گامزن رهندي. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت هاڻي بحالي، سڌارن وارن قدمن ۽ پائيدار ترقي جي راهه تي گامزن آهي ۽ حڪومت ان سفر کي جاري رکندي هڪ جامع، مستحڪم ۽ روانگي واپار تي ٻَڌل معيشت جي جوڙجڪ لاءِ پُرعزم آهي.