لنڊن-15 جولاءِ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان برطانوي پارليامينٽ جي هيٺئين ايوان هائوس آف ڪامنز ۾ آل پارٽي پارلياماني گروپ جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي. وزارت طرفان جاري بيان موجب برطانيه ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ٻه طرفي اقتصادي ناتن کي وسعت ڏيڻ، پارلياماني سهڪار کي وڌائڻ ۽ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي واپار ۽ سيڙپڪاري جي رابطن کي مضبوط ڪرڻ جي صلاحيت مان فائدو کڻڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي وزير، ميمبرن کي پاڪستان جي هاڻوڪي معاشي سڌارن جي باري ۾ آگاهه ڪيو جنهن جو مقصد ميڪرو اڪنامڪ استحڪام ۽ جامع ترقيءَ کي هٿي ڏيڻ آهي. هن قومي ٽيرف پاليسي تحت ٽيرف ريشنلائيزيشن، واپاري سهولتن لاءِ پاڪستان سنگل ونڊو کي فعال ڪرڻ ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ پُرڪشش مراعتن جي آڇ ڪندڙ خصوصي اقتصادي زونزن جي ترقيءَ جهڙن قدمن تي روشني وڌي. ملاقات ۾ گرين ٽيڪنالاجي، تجديد جوڳي توانائي ۽ پاڪستان جي وڌندڙ آءِ ٽي سيڪٽر ۾ سهڪار جي نين راهن جي به تلاش ڪئي وئي. ڄام ڪمال چيو ته برطانيه ۾ رهندڙ 1.7 ملين پاڪستاني ٻنهي ملڪن وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا ۽ واپار کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ملاقات برطانيه- پاڪستان واپاري ڊائلاگ مڪينزم تي صحيح کانپوءِ مستقل رفتار کي يقيني بنائڻ لاءِ لڳاتار پارلياماني مصروفيت ۽ نجي شعبي جي سهڪار کي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ گڏيل اقتصادي خوشحاليءَ لاءِ پائيدار ڀائيواري جي تعمير جي گڏيل عزم تي زور ڀريو ويو.