اسلام آباد-15 جولاءِ (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ پاڪستان شگر ملز ايسوسيئيشن (پي ايس ايم اي) جو اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن جو مقصد حڪومت طرفان مقرر ڪيل ايڪس (اڳوڻي) مل قيمت تي اثرائتي عملدرآمد ۽ سڄي ملڪ ۾ کنڊ جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻائڻ هو. اجلاس ۾ ايسوسيئيشن جي چيئرمين، سينئر ميمبرن ۽ وزارت جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي کنڊ جي قيمتن تي تفصيلي غور ڪيو ويو ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو ته عوام تائين کنڊ جي فوري فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو. شگرم ملز ايسوسيئيشن، حڪومت جي فيصلي کي ساراهيو ۽ قيمتن جي استحڪام لاءِ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. ايسوسيئيشن، 165 رپيا في ڪلو اڳوڻي مل قيمت تي کنڊ جي فراهمي تي رضامندي ظاهر ڪئي. اميد ظاهر ڪئي ته کنڊ جي قيمتن ۾ گهٽتائي جا اثر ايندڙ 2 کان 3 ڏينهن ۾ مارڪيٽ ۾ واضح نظر اچڻ شروع ٿي ويندا. ان موقعي تي وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي پرعزم آهي، کنڊ جي مناسب قيمت تي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته کنڊ جي ريٽيل قيمت جي لاڳو ٿيڻ کي يقيني بڻايو ويندو ۽ ذخيرو يا ناجائز منافعي خوري کي ڪنهن به صورت برداشت نه ڪيو ويندو. وفاقي وزير ٻڌايو ته کنڊ جي قيمتن تي ضابطو آڻڻ لاءِ هڪ اثرائتي حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي ته جئين کنڊ جي فراهمي مسلسل جاري رکي سگهجي. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته عوامي مفاد حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ۽ وزارت شگر انڊسٽري سان گڏجي قيمتن جي استحڪام کي يقيني بڻائيندي.