ميامي-24 جون (اي پي پي) فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا جي انتظام هيٺ آمريڪا ۾ جاري ڪلب ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ ۾ 25 جُون اربع ڏينهن وڌيڪ 4 ميچ کيڏيا ويندا. 2 ميچ گروپ اي ۽ 2 ميچ گروپ ايف وچ ۾ کيڏيا ويندا. گروپ اي جو پهريون ميچ انٽر ميلان ڪلب ۽ ريور پليٽ ڪلب جي ٽيمن وچ ۾ ليمن فيلڊ ۾ کيڏيو ويندو جڏهن ته گروپ اي جو ٻيو ميچ جاپان جي اروواريڊ ڊائمنڊز ڪلب ۽ ميڪسيڪو جي مانٽيري ڪلب جي ٽيمن وچ ۾ روز بال، پاساڊينا ۾ کيڏيو ويندو. ساڳئي طرح گروپ ايف جو پهريون ميچ جرمني جي بورسيا ڊور ٽمنڊ ڪلب ۽ ڏکڻ ڪوريا جي السان ايڇ ڊي ڪلب جي ٽيمن وچ ۾ ٽي ڪيو ايل اسٽيڊيم، سنسناٽي ۾ کيڏيو ويندو جڏهن ته گروپ ايف جو ٻيو ميچ ڏکڻ آفريقا جي مميلودي سن ڊائونز ڪلب ۽ برازيل جي فلومينينس ڪلب جي ٽيمن وچ ۾ هارڊ راڪ اسٽيڊيم، ميامي گارڊنز ۾ کيڏيو ويندو.