واشنگٽن-24 جون (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته اڱاري کان ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگ بندي تي عمل شروع ٿي ويو آهي. هن ٻنهي ڌرين تي زور ڀريو ته اهي جنگ بندي جون ڀڃڪڙيون نه ڪن. هن پنهنجي ٽرٿ سوشل تي هڪ پوسٽ ۾ چيو آهي ته جنگ بندي تي هاڻي عمل شروع ٿي ويو آهي.پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق جنگ بندي تي عمل شروع ٿيڻ کان اڳ اسرائيل ۽ ايران هڪ ٻئي تي شديد حملا ڪيا. ايران جي گادي واري شهر تهران ۾ سڄي رات ڌماڪن جو سلسلو جاري رهيو، تهران جي اتر ۽ مرڪز ۾ ٿيل ڌماڪن کي ميڊيا تي جنگ شروع ٿيڻ بعد کان سڀ کان وڌيڪ ۽ زوردار ڌماڪا قرار ڏنو ويو آهي. اسرائيل جي هنگامي خدمتن واري اداري ۽ فوج چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان اعلانيل جنگ بندي تي عمل کان ڪجهه وقت پهريان اسرائيل جي ڏاکڻي شهر بير شيبه ۾ ملٽي ويو ايراني ميزائيل حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 4 ڄڻا مارجي ويا هئا.