تهران-24 جون (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي سموري ايراني قوم طرفان دشمن جي هر حملي جو جواب ڏيڻ تي پنهنجي طاقتور هٿياربند فوج جا شڪر گذار آهيون.ايران جي پريس تي وي جي رپورٽ مطابق هن هڪ سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ چيو ته يهودي حڪومت کي ايران خلاف جارحيت جي سزا ڏيڻ لاءِ فوجي آپريشن انتهائي آخري لمحن تائين جاري رهيو ۽ اهي ايران جي مقامي وقت مطابق صبح جو 4 وڳي تائين پڄاڻي تي پهتو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته مان سموري ايراني قوم سان گڏجي پنهنجي بهادر هٿياربند فوج جا ٿورا مڃيا ٿو. ايران جي پرڏيهي وزير جو بيان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ جنگ بندي جي اعلان جي فوري بعد سامهون آيو آهي.