اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي سطح تي پاڪستان جي موقف جي ڀرپور ۽ بهترين ترجماني تي پارلياماني وفد کي ساراهيندي چيو آهي ته وفد پهلگام کان وٺي سنڌ طاس معاهدي تائين جي واقعن کي صحيح تناظر ۽ بهتر انداز ۾ پيش ڪيو، بجيٽ 26 – 2025ع ۾ پگهاردار طبقي سميت سمورن طبقن کي ريليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملاقات ڪئي، بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم کي پاڪستان پاران موڪليل سفارتي وفد جي آمريڪا ۽ يورپ ۾ ملاقاتن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. وزيراعظم وفد پاران تازي ڀارتي پروپئگنڊه کي دنيا آڏو بي نقاب ڪرڻ ۽ آمريڪا، برطانيا ۽ يورپ جي ڪامياب سفارتي دوري تي بلاول ڀٽو زرداري سميت وفد جي ٻين ميمبرن کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم سفارتي وفد جي اعزاز ۾ آجياڻو پڻ ڏنو. وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي پاڪستان جي موقف جي ڀرپور ۽ بهترين ترجماني تي توهان سڀني کي مبارڪباد ڏيان ٿو، توهان پاڪستان جو ڪيس قومي جذبي سان وڙهيو ۽ ڪامياب ٿي واپس آيا. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ شيري رحمان، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، حنا رباني کر، سينيٽر بشريٰ انجم بٽ، سينيٽر فيصل سبزواري، انجنيئر خرم دستگير ۽ جليل عباس جيلاني ۽ تهمينه جنجوعه تي ٻڌل وفد آمريڪا، يو ڪي ۽ يورپ ۾ پاڪستان جي موقف جي قومي جذبي سان ترجماني ڪئي، پاڪستان سان گڏوگڏ پوري دنيا ۾ ان جو اعتراف ٿي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته بلاول ڀٽو زرداري انتهائي بهتر انداز ۾ پاڪستان جي موقف کي بيان ڪيو، وفد پهلگام کان وٺي سنڌ طاس معاهدي تائين جي واقعن کي صحيح تناظر ۽ بهتر انداز ۾ پيش ڪيو، الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم، قوم جي دعائن ۽ اسان جي بهادر هٿياربند فوج جي عسڪري مهارت سان ڀارت کي پنهنجي بنا جواز جنگي جنون جي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئي. هن چيو ته بجيٽ 26 – 2025ع ۾ پگهاردار طبقي سميت سمورن طبقن کي ريليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، بجيٽ سازي ۾ سمورين اتحادي پارٽين بشمول پاڪستان پيپلزپارٽي جي تعاون تي ٿورا ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته مون کي اميد آهي ته توهان سڀني جي رهنمائي، تعاون ۽ تجويزن سان اسان اندروني ۽ ٻاهرئين چئلينجز ۾ سرخرو ٿينداسين، انشاءَ الله. آجياڻي ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، اوورسيز پاڪستانيز وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، خاص معاون طلحيٰ برڪي ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ شريڪ هئا.