اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڏکڻ وزيرستان ۾ ڀارت جي سرپرستي ۾ سرگرم، فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي ٺڪاڻي تي ڪامياب آپريشن ۽ 11 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيندي چيو آهي ته ملڪ جي حفاظت جي اڻٿڪ عزم ۾ مون سميت پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آپريشن دوران ملڪ جي حفاظت ۽ دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائيندي شهادت ماڻيندڙ ميجر سيد معيز عباس شاهه ۽ لانس نائيڪ جبران الله کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪيئ. هن چيو ته مون سميت پوري قوم کي پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين تي فخر آهي، ملڪ جي خاطر شهادت ماڻيندڙ شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. هن چيو ته دهشتگردي جي ناسور جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان خلاف جنگ جاري رکنداسين، ملڪ جي حفاظت جي اڻٿڪ عزم ۾ مون سميت پوري قوم پنهنجي پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.