اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ابوظهبي ۾ پاڪستان – يو اي اي جي گڏيل وزارتي ڪميشن جي 12هين اجلاس کان اڳ پاڪستاني وفد جي تياري جي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون ايم طارق باجوه، اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي اسپيشل سيڪريٽري، يو اي اي ۾ پاڪستان جي سفير، واپار واري سيڪريٽري، گهرو معاملن، سمنڊ پار پاڪستاني، آءِ ٽي ۽ ايس آءِ ايف سي ۽ فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت ۽ پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ جي ايم سي جي تفصيلي ايجنڊا جو جائزو ورتو ويو، مختلف ٻطرفي مصروفيتن تي اڳڀرائي جو پڻ جائزو ورتو ويو. واپار، سيڙپڪاري، توانائي، ٽيلي ڪميونيڪشن ۽ گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستاني ڪارڪنن جي لاءِ روزگار جي موقعن سميت ترجيحي شعبن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. نائب وزيراعظم شرڪت ڪندڙ وزارتن ۽ ادارن جي فعال شموليت تي انهن جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ڳالهه ٻولهه کي ٺوس نتيجن ۾ تبديل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته 12هين جي ايم سي پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون ۽ اداراجاتي رابطي کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ٺوس قدمن جو سبب بڻجندي.