اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير، پاڻي، واپار ۽ دهشتگردي سميت سمورن حل طلب مسئلن تي ڀارت سان بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ تيار آهي، پاڪستان اسرائيل ايران بحران جي ڏس ۾ علائقائي ڇڪتاڻ ۾ فوري گهٽتائي جي مڪمل حمايت ۽ پرامن حل جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جو حامي آهي، سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. پنهنجي ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي لاءِ دل سان احترام ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن هلندڙ سال حج جي ڪامياب تڪميل تي شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود کي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستاني حاجين جي شاندار مهمان نوازي تي سعودي عرب جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ڀارت سان تازي تڪرار دوران سعودي عرب جي پاڪستان جي مستقل حمايت تي ان جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير، پاڻي، واپار ۽ دهشتگردي سميت سمورن حل طلب مسئلن تي ڀارت سان بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ تيار آهي. ٻنهي اڳواڻن وچ اوڀر ۽ خطي ۾ تيزي سان اڀرندڙ صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان حوالي سان وزيراعظم چيو ته پاڪستان، اسرائيل ايران بحران جي ڏس ۾ علائقائي ڇڪتاڻ ۾ فوري گهٽتائي جي مڪمل حمايت ڪري ٿو ۽ گڏ ئي ان جي پرامن حل جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جو حامي آهي. گذريل رات جي حملن جو ذڪر ڪندي هن سمورين ڌرين کي عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي پاسداري ڪندي تحمل جو مظاهرو ڪرڻ تي زور ڏنو. ان ڏس ۾ هن سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم پاڪستان پاران ولي عهد کي سندس دانشمنداڻي قيادت ۽ خطي ۾ امن جي بحالي جي لاءِ ڪوششن تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته اهي ڪوششون سعودي عرب جي عالمي سطح تي امن جي ضامن ۽ مسلمان امت جي رهنما جي طور تي نمايان حيثيت جون عڪاس آهن. ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ٽيليفون ڪال تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ سعودي عرب سان پاڪستان جي يڪجهتي ۽ حمايت کي ساراهيو. هن تازي تڪرار جي پرامن حل جي لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي پڻ ساراهيو. سعودي ولي عهد چيو ته سعودي عرب، وچ اوڀر ۾ پائيدار امن ۽ خوشحالي جي فروغ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي.