ڪراچي-24 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، ايشيائي ترقياتي بينڪ (اي ڊي بي) جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايمافن سان هڪ اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سنڌ ۾ اهم ترقياتي منصوبن کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. انهن منصوبن ۾ ٽي پي – 4 جو منصوبو به شامل آهي، جنهن جو مقصد پاڻي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ ڳوٺاڻن ۽ شهري علائقن ۾ بنيادي اسٽرڪچر کي وڌائڻ آهي. ايشيا ترقياتي بينڪ ۽ سنڌ حڪومت ٽي پي 4 منصوبي تي اتفاق ڪيو آهي، جنهن تحت روزانو 180 ملين گيلن پاڻي صاف ڪيو ويندو. وڏي وزير جو چوڻ هو ته هي پلانٽ گدلي پاڻي کي صنعتي معيار جي استعمال جوڳي پاڻي ۾ تبديل ڪرڻ ۾ اهم آهي. سنڌ حڪومت ڳوٺاڻن علائقن ۾ صاف پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ ۽ نيڪال جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ وڌيڪ قدمن جي حمايت ڪري ٿي. وڏي وزير جي درخواست تي اي ڊي پي ڳوٺاڻي ترقياتي منصوبن ۾ تعاون لاءِ تيار ٿي وئي. ملاقات ۾ پائيدار ترقي، معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۽ نئيون شراڪتداريون ٺاهڻ تي پڻ ڳالهايو ويو. ايشيائي ترقياتي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر بينڪ جي نئين حڪمت عملي پيش ڪئي، جنهن ۾ ماحوليتي تبديلي، نجي شعبي کي ھٿي وٺرائڻ، علائقائي تعاون، ڊجيٽل ٽرانسفارميشن ۽ لچڪدار نظام جي تعمير تي زور ڏنو ويو. وڏي وزير ان حڪمت عملي تي اتفاق ڪيو ۽ چيو ته صوبائي حڪومت ان ۾ شراڪتداري وڌائي ٿي. وڏي وزير ٻڌايو ته تازو ٻوڏ کان متاثر هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن جي بحالي لاءِ هنگامي رليف ۽ متاثر علائقن ۾ گهرن جي ٻيهر تعمير جاري آهي، جنهن ۾ اي ڊي بي سان تعاون سان مختلف منصوبن جو عمل جاري آهي. شهري رابطن کي بهتر بڻائڻ لاءِ حيدرآباد ميرپورخاص اربن ٽرانسپورٽ اسڪيم، سنڌ ڪوسٽل هاءِ وي، پيپلز بس ۽ پنڪ بس سروس جهڙا منصوبا جاري آهن. ان کان علاوه ڪراچي ۾ 1000 اليڪٽرڪ بسون متعارف ڪرائڻ جو منصوبو پڻ جاري آهي. وڏي وزير ٻڌايو ته 2022ع کان نئين ماڊل تحت 35 اسڪول قائم ڪيا ويا آهن جن ۾ 25000 شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. ويڪسينيشن جي شرح 68 سيڪڙو تائين پهنچي وئي آھي، جيڪا صحت جي شعبي ۾ حڪومت جون سنجيده ڪوششون آھن. ايشيائي ترقياتي بينڪ هن وقت سنڌ ۾ 1.25 ارب ڊالر ماليت جي ترقياتي پورٽ فوليو تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن ۾ 6 فعال منصوبن تي ڪم جاري آهي. اهي منصوبا بنيادي اسٽرڪچر، سماجي ترقي، زراعت، ٽرانسپورٽ ۽ ماحوليتي تبديلي سان واسطو رکڻ وارا آهن. وڏي وزير انهن ڳالهين جو عھد ڪيو ته ايشيائي ترقياتي بينڪ سان ترقياتي شراڪتداريون صوبي جي معاشي استحڪام لاءِ نهايت اهم آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڳوٺاڻن ۽ شهري علائقن ۾ ھڪجھڙي ترقي کي يقيني بڻائڻ ۽ سڀني شهرين کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. اها ملاقات سنڌ جي بنيادي اسٽرڪچر ۽ سماجي خدمتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ عالمي تعاون جي هڪ اهم اڳڀرائي آهي، جنهن جو مقصد پائيدار ترقي ۽ شهرين جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ آهي. ملاقات ۾ سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، چيئرمين پي اين ڊي نجم شاهه، وڏي وزير جو سيڪريٽري زمان ناريجو ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ جا سينيئر آفيسر موجود هئا.