گڏيل قومون-24 جون (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ ڪالعدم تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جي سيڪيورٽي خطرن کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته 6 هزار ماڻهن تي ٻَڌل ٽي ٽي پي جنهن کي گڏيل قومن افغان سرزمين تان ڪم ڪندڙ سڀ کان وڏو دهشتگرد گروپ قرار ڏنو آهي، پاڪستان جي قومي سلامتيءَ لاءِ سڌي ريت خطرو آهي. اهڙو اظهار گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد 15 رڪني سلامتي ڪائونسل کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته ٽي ٽي پي جون پاڪستاني سرحد ويجهو محفوظ پناهگاهون آهن، افغانستان مان دهشتگردي ان جي پاڙيسرين خاص ڪري پاڪستان لاءِ هڪ سنگين خطرو آهي. هن افغانستان جي صورتحال تي بحث دوران اسرائيل جي بنا جواز حملن کانپوءِ ايران جي صورتحال جي امڪاني غير مستحڪم اثرن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته افغانستان ۽ پاڪستان سميت پاڙيسري ملڪن ۾ پناهگيرن کي ڪڍڻ نَون چئلينجز جو سبب بڻجي سگهي. هن چيو ته جنگ سٽيل ملڪ ۾ پهريان کان ئي نازڪ حالتن کي خطري ۾ وجهي سگهن ٿا. هن پاڪستان لاءِ خطري جي وضاحت ڪندي چيو ته دهشتگرد ادارا جن ۾ القاعده، ٽي ٽي پي ۽ بلوچ دهشتگرد گروپ افغانستان ۾ حڪومتي عملداريءَ کان ٻاهر پنهنجي پناهگاهن مان ڪم ڪندا رهن ٿا، پنهنجي دفاعي قدمن جي حصي طور تي پاڪستاني نمائندي چيو ته پاڪستان جديد هٿيارن جو هڪ اهم ذخيرو ضبط ڪيو آهي جيڪو اصل ۾ افغانستان ۾ عالمي فوج طرفان پوئتي ڇڏيو ويو هو جڏهن اهو 4 سال اڳ طالبان ڪابل تي قبضو ڪرڻ لاءِ اُتان نڪتا هئا. هن چيو ته اپريل ۾ پاڪستان ۾ دخل اندازي جي ڪوشش ڪندڙ ٽي ٽي پي جي 54 دهشتگردن کي پاڪستان سيڪيورٽي فورسز ماري ڇڏيو، اهو واقعو خطري جي موجودگي ۽ سنگيني کي واضح ڪري ٿو. هن چيو ته اسان وٽ ٽي ٽي پي ۽ ٻين گروپن جهڙوڪ بي ايل اي ۽ ان جي مجيد برگيڊ وچ ۾ تعاون جا ٺوس ثبوت به آهن جن جو مقصد پاڪستان ۾ اسٽريٽجڪ انفراسٽرڪچر ۽ اقتصادي ترقيءَ جي منصوبن ۾ خلل وجهڻ آهي. هن چيو ته افغانستان جا اندروني چئلينجز خطي ۾ ڦهلجي رهيا آهن، پاڪستان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان لکين افغان شهرين جي ميزباني ڪئي آهي. آگسٽ 2021ع کانپوءِ وڌيڪ 10 لک غير دستاويزي ماڻهو پاڪستان ۾ داخل ٿي چڪا آهن جنهن سان ٻيا مسئلا، امن امان جا خدشا پيدا ٿي رهيا آهن. هن عالمي برادريءَ کان مطالبو ڪيو آهي ته ان بار کي وڌيڪ منصفاڻي طور ورهائي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي ڪوششن جن ۾ دوحه عمل جي به آجيان ڪري ٿو جنهن جو مقصد افغان عملدارن سان منظم رابطو رکڻ آهي. هن چيو ته هڪ جامع فريم ورڪ جي هاڻي فوري ضرورت آهي جيڪو علائقائي خدشن کي به ختم ڪري. هن چيو ته پاڪستان افغان نوجوانن لاءِ تعليمي موقعن جي حمايت جاري رکي آهي. هن چيو ته علامه اقبال اسڪالرشپ پروگرام جو ٽيون مرحلو هن وقت جاري آهي، جنهن مان 4500 افغان شاگرد فائدو کڻي رهيا آهن. جن مان هڪ ڀاڱي ٽي عورتون شامل آهن. هن چيو ته پاڪستان هڪ مستحڪم، پُرامن ۽ خوشحال افغانستان جو خواهشمند آهي ۽ افغان عبوري عملدارن سان عالمي سطح تي ڳالهين جي حمايت لاءِ تيار آهي. اهڙيءَ طرح جون ڳالهيون واضح مقصدن، گڏيل قدمن ۽ هڪ حقيقت پسنداڻي روڊ ميپ تي ٻَڌل هئڻ گهرجن، جيڪي چار ڏهاڪن کان وڌيڪ جي عرصي جي تڪرارن کانپوءِ افغانستان جي منفرد سماجي ۽ سياسي گڏجڻ لاءِ حساس هجي. پاڪستاني نمائندي امن ۽ ترقي جي قابل عمل رستن لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاريءَ تي زور ڀريندي چيو ته تاريخ، جاگرافيائي، نسل، زبان، عقيدي ۽ ثقافت سان جڙيل ٻن ويجهن پاڙيسرين طور اسان جون تقديرون گهري طرح جڙيل آهن. هن چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد لاءِ تعميري ۽ فعال ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي.