واشنگٽن/تهران/تل ابيبي-24 جون (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته اسرائيل ۽ ايران جنگبندي تي اتفاق ڪري ورتو آهي. ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته جيڪڏهن اسرائيل تهران جي وقت موجب صبح 4 وڳي تائين ايراني عوامي خلاف پنهنجي غير قانوني اڳرائي بند ڪري ٿو ته ان کان پوءِ ايران جو به جوابي ڪارروائي جاري رکڻ جو ڪو ارادو ناهي. آمريڪي صدر طرفان جنگبنديءَ جي اعلان کانپوءِ خام تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي ۽ ايشيا جي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ هاڪاري ردِعمل پيش اچي رهيو آهي. چائينا گلوبل ٽيليويزن نيٽ ورڪ جي رپورٽ موجب آمريڪي صدر مقامي وقت مطابق 23 جون جي شام 6 وڳي پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ٽرٿ سوشل“ تي پوسٽ ڪيو ته اسرائيل ۽ ايران جامع جنگبنديءَ تي اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ته ٻنهي ڌُرين وچ ۾ جنگبندي اٽڪل 6 ڪلاڪن ۾ (يعني اوڀر آمريڪي وقت مطابق 23 جون جي رات 12 وڳي) شروع ٿيندي جنهن کي هن 12 ڏينهن واري جنگ جي خاتمي جو نالو ڏنو. هن جنگبندي تي اسرائيل ۽ ايران کي مبارڪ پڻ ڏني. اين بي سي سان هڪ ٽيليفونڪ انٽرويو ۾ جڏهن آمريڪي صدر کان پُڇيو ويو ته جنگبندي ڪيستائين جاري رهندي؟ ته هن چيو ته سندس خيال ۾ جنگبندي مستقل آهي ۽ هميشه رهندي. ٻئي پاسي ايران جي پرڏيهي وزير 24 جون تي جاري بيان ۾ چيو ته اڃا تائين ايران ۽ اسرائيل جنگبندي يا فوجي ڪاررواين جي خاتمي بابت ڪنهن معاهدي تي ناهن پهتا، جڏهن ته جيڪڏهن اسرائيل تهران جي وقت مطابق صبح 4 وڳي تائين ايراني عوام خلاف پنهنجي جارحيت بند ڪري ڇڏي ٿو ته ان کان پوءِ ايران به جوابي ڪارروائي جاري رکڻ جو ارادو نٿو رکي. هن چيو ته اسان جي فوجي ڪاررواين جي خاتمي جو حتمي فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو. ان کان علاوه اسرائيلي آرمي ريڊيو 24 تاريخ تي هڪ پيغام جاري ڪيو ته اسرائيل ايران سان جنگبندي معاهدي جي ويجهو ضرور آهي پر 24 جون جي صبح پُراميد طريقي سان گذرڻ باقي آهي. ريڊيو سبب ٻُڌائيندي چيو ته اسرائيل هن وقت ايران تي شديد حملا ڪري رهيو آهي ۽ ايران طرفان به اسرائيل تي شديد حملي جو خطرو موجود آهي. هڪ ٻئي اطلاع مطابق 23 جون تي آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ هڪ بيان جاري ڪيو جنهن ۾ چيو ويو ته آمريڪي فوج قطر سان گڏجي دوحه ويجهو العديد ايئربيس تي ايران جي بيلسٽڪ ميزائل حملي جو ڪاميابيءَ سان دفاع ڪيو. آمريڪا ۽ قطر جو ڪوبه جان نقصان ناهي ٿيو. بي بي سي مطابق آمريڪي صدر جي اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ جنگبنديءَ جي اعلان کانپوءِ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائيءَ جو سلسلو جاري آهي. برينٽ ڪروڊ عالمي بينچ مارڪ سومر تي 7 سيڪڙو گهٽتائيءَ کانپوءِ وڌيڪ 4 سيڪڙو گهٽ ٿي 68 ڊالر في بيرل تي اچي ويو. ڪچي تيل جون قيمتون هاڻي 12 جون جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهن، جڏهن اسرائيل ايران تي حملو ڪيو هو. ايشيا جي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ به وچ اوڀر ٿيل تازي اڳڀرائين تي هاڪاري ردِعمل سامهون اچي رهيو آهي. قطر ۾ آمريڪي اڏي تي ايران جي ميزائل حملي جي ڪجهه منٽن کانپوءِ عالمي مارڪيٽن ۾ تيل جي قيمت اٽڪل 8.5 سيڪڙو گهٽ ٿي 70.5 ڊالر في بيرل جي ويجهو پهچي وئي جنهن کي اوچتو وڏي گهٽتائي تصور ڪيو پيو وڃي. دنيا جو اٽڪل 20 سيڪڙو تيل آبناءِ هرمز ۽ نار فارس مان گذرندو آهي، آبناءِ هرمز ۾ ايران جي جوابي قدمن بابت خدشا گهٽ ٿي ويا آهن. بي بي سي مطابق اسرائيل جي ايمرجنسي ميڊيڪل سروسز جو چوڻ آهي ته اڱاري ڏينهن صبح ايراني ميزائل حملي ۾ ملڪ جي ڏکڻ حصي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا آهن. ايجنسيءَ جو چوڻ آهي ته اسان حملي واري جاءِ تان دُوهون اُٿندي ڏٺو ۽ جڏهن ويجهو پهتاسين ته ڪيترين ئي عمارتن کي شديد نقصان پهچي چڪو هو. اسرائيل هڪ ڪلاڪ اڳ چيو هو ته ايران طرفان ملڪ تي ٻن مرحلن ۾ ميزائل هنيا ويا، پهرين لهر ۾ ٻه ۽ ٻي لهر ۾ چار ميزائل هنيا ويا. شنهوا مطابق ايران جي پريس ٽي وي گذريل ڏينهن ٻُڌايو ته اسرائيل تي ايراني حملن جي لهرن کانپوءِ جنگبندي شروع ٿي وئي آهي. اڱاري جي صبح اسرائيلي فوج حملي جو صحيح وقت ٻُڌائڻ کانسواءِ چيو ته ٿوري دير پهريان ايران طرفان هنيل ميزائلن کي روڪڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. اسرائيلي فوج مقامي وقت مطابق صبح 5 وڳي جي لڳ ڀڳ ٽيلگرام تي پوسٽ ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ته ٿوري دير پهريان ايران مان اسرائيل طرف هنيل ميزائلن جي نشاندهيءَ کانپوءِ اسرائيل جي ڪيترن ئي علائقن ۾ سائرن وڄايا ويا آهن. ايران جي سرڪاري ميڊيا مطابق ايران ان کانپوءِ اسرائيل طرف ميزائل فائر ڪيا آهن. اسرائيلي ايئرپورٽ عملدارن چيو ته اسرائيل جي فضائي حدن کي ايندڙ نوٽيس تائين جهازن جي اُڏامن لاءِ بند ڪيو ويو آهي. آمريڪي صدر ان کان اڳ اعلان ڪيو هو ته ٻنهي ڌُرين وچ ۾ جنگبندي صبح 4 وڳي شروع ٿي ويندي جنهن ۾ ايران طرفان پهريان پنهنجون ڪارروايون روڪڻ جي اميد آهي. ان کان ڪجهه ڪلاڪ پهريان سينيئر ايراني اهلڪار آمريڪي ٽي وي سي اين اين کي ٻُڌايو ته ايراني حڪومت کي آمريڪا طرفان جنگبنديءَ جي ڪابه باقائده تجويز ناهي ملي ۽ ان کي جنگ روڪڻ جو ڪوبه سبب نظر ناهي آيو. ايراني اهلڪار چيو ته هن وقت دشمن ايران خلاف جارحيت ڪندو رهيو آهي ۽ ايران پنهنجي جوابي حملن کي تيز ڪرڻ جي راهه تي گامزن آهي. هن چيو ته آمريڪي ۽ اسرائيلي اڳواڻن جي ريمارڪس کي هڪ فريب طور ڏٺو ويندو، جنهن جو مقصد ايران تي وڌيڪ حملن جو جواز فراهم ڪرڻ آهي.