گڏيل قومون-24 جون (اي پي پي) گڏيل قومن غزه ۾ اسرائيل پاران مبينه طور تي خوراڪ کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي مذمت ڪئي جيڪو هڪ ڏوهه آهي ۽ اسرائيلي فوج تي زور ڀريو آهي ته هو کاڌو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ فلسطينين تي فائرنگ بند ڪري. گڏيل قومن جي انساني حقن جي آفيس بريفنگ کان پهرين فراهم ڪيل لکت واري نوٽيس ۾ چيو ته اسرائيل جو عسڪري انساني امداد جو طريقيڪار، امداد جي ورهاست جي عالمي معيارن جي تڪرار ۾ آهي. غزه ۾ مايوس، بُک جو شڪار ماڻهن کي يا ته بُک سان مرڻ جي غير انساني چونڊ کي مُنهن ڏيڻو پوي ٿو يا خوراڪ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مري وڃڻ جو خطرو هوندو آهي. گڏيل قومن جي انساني حقن جي آفيس جي ترجمان غزه هيومينٽيرين فائونڊيشن جي کاڌي جي ورهاست جي جاين ۽ ڀرپاسي افراتفري جي منظر تي بريفنگ نوٽس ۾ خبردار ڪيو ته جڏهن کان تنظيم ڪم شروع ڪيو آهي اسرائيلي فوج خوراڪ ورهائجندڙ وارن هنڌن تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندڙ فلسطينين تي شيلنگ ۽ فائرنگ ڪئي آهي جنهن سان ڪيتريون ئي فوتگيون ٿيون آهن. هن چيو ته رپورٽن مطابق گڏيل قومن ۽ ٻين انساني تنظيمن جي ڪجهه امدادي قافلن تائين پهچڻ جي ڪوشش دوران اسرائيلي ڪاررواين ۾ 410 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن جڏهن ته 93 فلسطيني مبينه طور تي اسرائيلي فوج هٿان مارجي ويا آهن. انهن واقعن ۾ 3 هزار فلسطيني زخمي ٿيا آهن. انهن مان هر هڪ قتل جي فوري ۽ غير جانبدار جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ ذميوارن کان حساب وٺڻ گهرجي. هن خبردار ڪيو ته شهرين لاءِ خوراڪ کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ، زندگي کي برقرار رکندڙ خدمتن تائين سندن پهچ کي محدود ڪرڻ يا روڪڻ کان علاوه هڪ جنگي ڏوهه آهي. گڏيل قومن جي آفيس صورتحال کي صحيح ڪرڻ لاءِ قدمن جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته اسرائيلي فوج کي کاڌو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ ماڻهن تي فائرنگ ۽ بمباري بند ڪرڻ گهرجي. اسرائيل غزه ۾ فلسطينين جي زندگين کي برقرار رکڻ لاءِ ضروري خوراڪ ۽ ٻي انساني امداد جي داخلا جي اجازت ڏئي. هن ٻين ملڪن کان به مطالبو ڪيو ته هو ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ لاءِ ٺوس قدم کڻن ته قابض اسرائيل غزه ۾ پنهنجي ذميواري ادا ڪري ۽ آباديءَ کي خوراڪ ۽ زندگي بچائيندڙ ضروري شين جي فراهمي يقيني بڻائي. گڏيل قومن مئي جي مهيني ۾ چيو هو ته اسرائيلي جنگي ڪاررواين ۽ قدمن جي نتيجي ۾ غزه جي علائقي جي 100 سيڪڙو آبادي کي ڏڪار جو خطرو آهي.