اسلام آباد-24 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ڪي پي ڪي جي ضم ٿيل ضلعن لاءِ 35.968 ارب رپين جو خاص ترقياتي فنڊ جاري ڪري ڇڏيو. منصوبا بندي واري وزارت، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي منظوريءَ سان اها فنڊ جاري ڪيا آهن، جيڪو اڳوڻي فاٽا لاءِ وفاقي حڪومت جي 10 سالن جي ترقياتي منصوبي جو حصو آهي. وزارت جي ترجمان مطابق اهو منصوبو پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام 25-2024ع تحت لاڳو ڪيو پيو وڃي، ان ترقياتي پيڪيج تحت ڪيترن ئي اهم منصوبن جي شروعات ڪئي پئي وڃي جن ۾ نمايان منصوبو 120000 گهرن کي شمسي توانائيءَ ذريعي بجليءَ جي فراهمي آهي، جنهن لاءِ 13.5 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. ان منصوبي ۾ 50 ميگاواٽ جي يوٽيلٽي مائڪرو گرڊ جو قيام به شامل آهي ته جيئن مقامي آباديءَ کي مستقل، سستي ۽ ماحول دوست بجلي فراهم ڪري سگهجي. وڌيڪ 7 ارب رپيا پوليس ٿاڻن ۽ چؤڪيءَ جي تعمير لاءِ رکيا ويا آهن، جڏهن ته ليويز فورس جي جدت ۽ نئين سر تنظيم کي به فنڊ جاري ڪري ويندا ته جيئن امن امان جي بهتريءَ کي يقيني بنائي سگهجي. تعليمي شعبي ۾ ترقيءَ لاءِ فاٽا يونيورسٽيءَ جي تعليمي ۽ اداري جاتي صلاحيت کي مضبوط بنائڻ لاءِ 2.5 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. انهن قدمن جو مقصد ضم ٿيل ضلعن جي نوجوانن کي اعليٰ تعليم جا معياري موقعا فراهم ڪرڻ آهي، انهي ئي تسلسل ۾ ڪي پي ڪي حڪومت جي درخواست تي 13.145 ارب رپيا جاري ڪيا ويا آهن ته جيئن جاري ترقياتي منصوبن جون بقايائون ادا ڪري سگهجن ۽ انهن جي وقت سر پوري ٿيڻ کي ممڪن بنائي سگهجي. ترجمان جو چوڻ هو ته اهو پيڪيج نه صرف مقامي معيشت کي متحرڪ ڪندو پر سماجي ڀلائي، تعليم، روزگار ۽ امن امان جهڙن اهم شعبن تي به هاڪاري اثر وجهندو.