اسلام آباد-24 جون (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ موسمياتي تبديلي ۽ انساني ترقيءَ جي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جامع ڪوششن جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته ترقياتي اهڃاڻن ۾ بهتريءَ لاءِ قدم ضروري آهن. اهڙو اظاهر هن هتي آباديءَ بابت پارلياماني فورم کي مُک خطاب ڪندي ڪيو، جنهن جو موضوع ”اتفاق راءِ سان عمل طرف: پائيدار آباديءَ لاءِ پارلياماني سهڪار“ کي هٿي ڏيڻ هو. هن وسيلن جي اثرائتي استعمال ۽ انساني ترقي کي هٿي ڏيڻ کي قومي ترجيحي قرار ڏنو ۽ ترقياتي حڪمتِ عملين کي عملي قدمن ۾ بدلڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وفاقي وزير صحت، تعليم ۽ پاڻيءَ جي فراهمي جهڙن شعبن ۾ جٽادار بهتريءَ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو.