اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڏکڻ وزيرستان جي علائقي سراروغه ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران 11 ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر انٽيليجنس تي ٻڌل ڪارروائي دوران فتنه الخوارج جي دهشتگردن جو خاتمو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. صدر ڪارروائي دوران شهادت ماڻيندڙ ميجر سيد معيز عباس شاهه ۽ لانس نائيڪ جبران الله شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته قوم پنهنجي بهادر شهيدن جي قربانين کي سدائين ياد رکندي. صدر پاڪ فوج جي بهادر شهيدن جي بهادري ۽ حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو ۽ شهيدن جي پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. صدر چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون جاري رهنديون. هن چيو ته دهشتگرد عنصرن جي خاتمي ۽ ملڪي دفاع جي لاءِ اسان جو عزم مضبوط رهندو، هن فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي جي قومي عزم جو پڻ اظهار ڪيو.