ويانا-24 جون (اي پي پي) عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي جي هنگامي اجلاس ۾ چيني سفير ايران تي آمريڪي حملي جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي ايران جي صورتحال تي هنگامي اجلاس منعقد ڪيو، جنهن ۾ ايراني ٺڪاڻن تي آمريڪي حملن بابت مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي آءِ اي اي اي ۾ چين جي مستقل نمائندي لي سونگ ايران تي حملي جي حوالي سان چين جي مؤقف جي وضاحت ڪئي. لي سونگ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته آمريڪا گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو مستقل ميمبر، ايٽمي هٿيارن جي ”عدم پکيڙ معاهدي“ جي ڌُر ۽ هڪ ايٽمي طاقت آهي، ان طرفان ايران خلاف فوجي ڪارروائي جيڪا هڪ غير ايٽمي طاقت آهي ۽ ايجنسي جي حفاظتي قدمن کي قبول ڪري ٿي، انتهائي سنگين قدم آهن، چين ان جي سخت مذمت ڪري ٿو. چيني سفير لي سونگ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڳالهيون ۽ سهڪار ايراني ايٽمي مسئلي جي حل جا بنيادي ذريعا آهن ۽ مواصلات ۽ ڳالهيون هميشه پائيدار امن کي حاصل ڪرڻ جا صحيح رستا آهن. عالمي برادري کي خاص طور تي آمريڪا کي ڇِڪتاڻ گهٽائڻ ۽ ڳالهين لاءِ سهولت فراهم ڪرڻ جون ڪوشش ڪرڻ گهرجي. لي سونگ چيو ته عالمي ايٽمي عدم پکيڙ نظام جو مضبوط دفاع عالمي امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ لاءِ لازمي آهي ۽ هي عالمي برادريءَ جي بنيادي مفادن ۾ شامل آهي، چين آءِ اي اي اي طرفان پنهنجون ذميداريون غير جانبداري سان انجام ڏيڻ ۽ ايراني ايٽمي مسئلي کي سياسي ۽ سفارتي حل ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ جي حمايت ڪري ٿو.