دوحه – 24 جون (اي پي پي) قطر ڪجھه ڪلاڪن جي عارضي بندش بعد پنهنجون ھوائي حدون ٻيھر کولي ڇڏيون آھن، دوحا ۾ به اڏامون بحال ڪيون پيون وڃن. پرڏيھي ميڊيا مطابق قومي ھوائي ڪمپني قطر ايئر ويز ھوائي حدون ٻيھر کولڻ ۽ اڏامون بحال ٿيڻ جي تصديق ڪئي آھي. ان کان اڳ قطر جي پرڏيھي وزارت پنهنجي بيان ۾ ملڪ جون ھوائي حدون عارضي طور بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو. وزارت ان فيصلي کي شھرين، رھواسين ۽ سياحن جو تحفظ يقيني بڻائڻ لاءِ احتياطي قدم قرار ڏنو آهي. بيان ۾ چيو ويو آھي ته سرڪاري اختيارين جي نظر ھيٺ صورتحال آھي، علائقائي ۽ عالمي شراڪتدارن جي سھڪار سان صورتحال جو جائزو وٺي رھيا آھيون. سرڪاري چينلن ذريعي وقت تي معلومات فراھم ڪئي ويندي.