برسلز – 24 جون (اي پي پي) يورپي ڪميشن فلسطيني پناھگيرن جي امداد لاءِ گڏيل قومن جي اداري فلسطيني پناهگيرن (انروا) ۽ فلسطيني اٿارٽي جي مدد لاءِ 230 ملين ڊالر رکيا آھن. پرڏيھي ميڊيا مطابق اھو اعلان يورپي ڪميشن جي روم سمنڊ جي خطي لاءِ ڪمشنر دبرائوڪاسوڪا گذريل ڏينھن ھڪ بيان ۾ ڪيو. ھن چيو ته فلسطيني اٿارٽي لاءِ 172 ملين ڊالر مختص ڪيا آھن ته جيئن ضروري عوامي خدمتن جي فراھمي کي يقيني بڻائي سگھجي، ان معاھدي سان اٿارٽي استادن، سرڪاري ملازمن ۽ صحت جي سار سنڀال ڪندڙ ڪارڪنن جي پگھارن جي ادائيگي ڪري سگھندي. يورپي ڪميشن جي بيان ۾ چيو ويو آھي ته اھا مالي امداد سڌارن واري ايجنڊا تي عمل ڪرڻ تي دارو مدار رکي ٿي. ھن چيو ته انروا کي غزه پٽي، اولھه ڪناري، اردن، لبنان ۽ شام ۾ فلسطيني پناھگيرن جي تعليم، صحت جي سار سنڀال ۽ ٻين خدمتن کي نظر ۾ رکندي 58 ملين ڊالر فراھم ڪيا ويا، اھا تنظيم 2023ع جي آخر کان اسرائيلي حملن دوران غزه ۾ لکين فلسطينين کي امداد ۽ شيلٽر جي فراھمي ۾ اھم ڪردار ادا ڪري رھي آھي، اسرائيلي فوج جي ڪجھه حملن ۾ گڏيل قومن جي عملي ۽ امدادي ايجنسي ويئر ھائوسز کي به نشاڻو بڻايو ويو. يورپي ڪمشنر چيو ته فلسطيني عوام لاءِ اسان جي حمايت ثابت قدمي سان جاري آھي، فلسطيني اٿارٽي ۽ گڏيل قومن جي ايجنسي انروا کي 202 ملين يورو جي ان (پھرين) قسط ذريعي اسان پنھنجي پختي سياسي ۽ مالي عزم جي تصديق ڪري رھيا آھيون. ھن چيو ته اھي فنڊز ڪميشن جي 2026-2025ع لاءِ فلسطين جي بحالي جي پروگرام جو حصو آھن جيڪي اٽڪل ھڪ ارب 84 ڪروڙ ڊالر آھن، ان امداد ذريعي يورپي يونين فلسطيني عوام لاءِ پنھنجي حمايت ۽ ٻه رياستي حل سان پنھنجي وابستگي جو ورجاءُ ڪيو جنھن جو اعلان اپريل ۾ يورپي يونين فلسطيني اٿارٽي وچ ۾ اعليٰ سطح جي ڳالھين دوران ڪيو ھو. ڪمشنر سوڪا چيو ته يورپي يونين کي غزه ۾ تباھه ڪن انساني صورتحال ۽ اولھه ڪناري جي خراب ٿيندڙ حالتن تي گھري ڳڻتي آھي. ھن چيو ته اسان ھڪ منصفاڻي ۽ پائيدار امن لاءِ پر عزم آھيون جنھن جو بنياد ٻه رياستي حل تي ٻڌل آھي.