جميڪا – 24 جون (اي پي پي) ويسٽ انڊيز ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پھرين ٽيسٽ ميچ اربع 25 جُون کان اوول، برج ٽائون، بارباڊوس ۾ شروع ٿيندي.آسٽريليا جي مردن جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم ويسٽ انڊيز جي دوري تي آھي جتي اها ميزبان ٽيم خلاف 3 ٽيسٽ ۽ 5 ٽي-20 عالمي ميچن جي سيريز کيڏندي. ويسٽ انڊيز ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي شروعات 25 جون کان شروع ٿيندڙ پھرين ٽيسٽ ميچ سان ٿيندي، اھا ميچ اربع 25 جُون کان 29 جون تائين اوول، برج ٽائون، بارباڊوس ۾ کيڏي ويندي. سيريز ۾ آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي قيادت مشھور آل رائونڊر پيٽ ڪمنز ڪندو جڏھن ته ميزبان ويسٽ انڊيز جي ٽيم جي اڳواڻي روسٽن چيس ڪندو. ٻنھي ٽيمن وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ 3 کان 7 جولاءِ تائين نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، سينٽ جارجز، گريناڊا ۾ کيڏي ويندي جڏھن ته ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 12 کان 16 جولاءِ تائين سبينا پارڪ، ڪنگسٽن، جميڪا ۾ کيڏي ويندي. ٽيسٽ سيريز مڪمل ٿيڻ بعد آسٽريلوي ٽيم جميڪا پھچندي جتي ميزبان ويسٽ انڊيز خلاف پنجن ٽي-20 ميچن جي سيريز جي پھرين ميچ 21 جولاءِ تي سبينا پارڪ، ڪنگسٽن، جميڪا ۾ کيڏندي. ٻنھي ٽيمن وچ ۾ ٻي ٽي-20 ميچ 23 جولاءِ تي جميڪا، ٽئين ٽي-20 ميچ 26 جولاءِ تي سينٽ ڪٽس، چوٿين ٽي-20 ميچ 27 جولاءِ تي سينٽ ڪٽس ۽ پنجين ۽ آخري ٽي-20 ميچ 29 جولاءِ تي سينٽ ڪٽس واري ھنڌ ئي کيڏي ويندي.