اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) ملڪ ۾ جوتن جي ايڪسپورٽ ۾ جاري مالي سال دوران ساليانو بنياد تي اضافو رڪارڊ ٿيو آھي. اسٽيٽ بئنڪ مطابق جاري مالي سال جي پھرين 11 مھينن دوران جوتن جي ايڪسپورٽ مان ملڪ کي 160 ملين ڊالرن جو ناڻو حاصل ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي جي ڀيٽ ۾ 2.60 سيڪڙو وڌيڪ آھي، گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي ۾ جوتن جي ايڪسپورٽ مان ملڪ کي 155 ملين ڊالرن جو ناڻو حاصل ٿيو. مئي ۾ جوتن جي ايڪسپورٽ جو ڳاڻيٽو 11 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو اپريل ۾ 18 ملين ڊالر ۽ گذريل سال مئي ۾ 15 ملين ڊالر ھو. مالي سال 2024ع ۾ جوتن جي ايڪسپورٽ مان ملڪ کي 167 ملين ڊالرن جو ناڻو حاصل ٿيو ھو. انگن اکرن مطابق جاري مالي سال جي پھرين 11 مھينن ۾ چمڙي جي جوتن جي ايڪسپورٽ جو ڳاڻيٽو 131 ملين ڊالر ۽ ڪينوس مان ٺھيل جوتن جي ايڪسپورٽ جو ڳاڻيٽو 0.623 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، اھڙي طرح ٻين قسمن جي جوتن جي ايڪسپورٽ مان ملڪ کي 29 ملين ڊالرن جو ناڻو حاصل ٿيو.