اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اچڻ تي ميمبرن ڊيسڪون وڄائي سندس آجيان ڪئي. وزيراعظم سان دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ملاقات ڪئي. وزيراعظم سان ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، طارق فضل چوڌري، راڻا تنوير حسين، جنيد انوار چوڌري کانسواءِ حڪومتي ميمبرن ملاقات ڪئي.