اسلام آباد-24 جون (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ ڪار ڊيلرز امپورٽرز ايسوسيئيشن جو اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ آٽو پاليسي 2026ع، آمدني ۽ روانگي واپار ۽ اضافي ڪسٽم ڊيوٽيز سميت ڪيترن ئي معاملن تي غور ڪيو ويو. خاص مددگار ڪار ڊيلرز امپورٽرز ايسوسيئيشن کي پاليسي سازيءَ جي عمل ۾ هڪ اهم اسٽيڪ هولڊر قرار ڏنو. هن واضح ڪيو ته وزيراعظم جو ويزن گاڏين جي آمدني واپار لاءِ هڪ آزاد ۽ مقابلي تي ٻَڌل نظام کي هٿي ڏيڻ آهي. هن چيو ته گاڏين جي آمدني واپار ۾ مقابلو مقامي مينيوفيڪچررز تي دٻاءُ وجهندو ۽ هو پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بنائين ۽ روانگي واپار طرف به ڌيان ڏين. هن چيو ته استعمال ٿيل گاڏين جي آمدني واپار جو معيار يقيني بنائڻ لاءِ حڪومت رجسٽريشن ۽ سرٽيفڪيشن کي لازمي بنائيندي. ماحول دوست ٽرانسپورٽ طرف منتقليءَ کي اجاگر ڪندي هارون اختر چيو ته پاڪستان هاڻي پيٽرول واري گاڏين کان هٽي جديد ماحول دوست متبادل طرف وڌي رهيو آهي. وزيراعظم جي هدايتن مطابق حڪومت قومي اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي 30-2025ع متعارف ڪرائي آهي، ان پاليسيءَ تحت پاڪستان جو هدف آهي ته 2030ع تائين 22 لک گاڏيون اليڪٽرڪ ٿي وڃن. ڪار ڊيلرز امپورٽرز ايسوسيئيشن صنعت ۽ پيداوار واري وزارت کي خاطري ڪرائي ته هو پاليسي عمل ۾ مدد لاءِ پنهنجون تفصيلي تجويزون پيش ڪندي.