اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ سڄي دنيا جي عورت سفارتڪارن خاص طور تي پاڪستان جي جوش ۽ جذبي سان نمائندگي ڪندڙ عورتن کي دلي مبارڪباد ڏني آهي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي سيڪريٽري ڊپلوميسي ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هي ڏينهن عالمي معاملن ۾ عورتن جي اڀرندڙ ڪردار کي اجاگر ڪري ٿو. هن چيو ته سمورن براعظمن ۾ عورتون اعليٰ سطح جي سفارتڪاري سان گڏوگڏ افهام تفهيم کي فروغ ڏين ٿيون ۽ امن، ترقي ۽ تعاون کي اڳتي وڌائين ٿيون. آمنه بلوچ چيو ته عورت سفارتڪار پرڏيهي پاليسي جي جوڙجڪ، ڳالهه ٻولهه جي قيادت ۽ عالمي ڳالهه ٻولهه کي سگهه ڏئي رهيون آهن. هن چيو ته پاڪستان کي عورت سفارتڪارن جي وڌندڙ ڪيڊر تي فخر آهي، انهن جي موجودگي اسان جي فارن سروس ۾ شموليت ۽ صنفي توازن طرف اڳڀرائي جي نشاندهي ڪري ٿي. هن چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري جي حيثيت سان آئون عورتن جي ڀرتي ۽ سفارتڪاري ۾ ترقي جي لاءِ فريم ورڪ کي مضبوط بڻائي عورتن کي اڳتي وڌڻ ۽ ايندڙ نسلن جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيان. پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ چيو ته مُشڪل چئلينجز کي منهن ڏيندڙ دنيا ۾ سفارتڪاري ۾ عورتن جو تعاون لازمي آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان عالمي لاڳاپن ۾ صنفي برابري جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون ۽ هڪ پرامن، مصنفاڻي عالمي نظم جي تعمير ۾ عورتن جي اهم ڪردار جو جشن ملهايون.