ابوظهبي – 24 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ابوظهبي ۾ ترقي بابت ابوظهبي فنڊ جي ڊائريڪٽر جنرل محمد سيف السويدي کي هلالِ قائداعظم جو ايوارڊ پيش ڪيو. پاڪستان حڪومت محمد سيف السويدي کي پاڪستان – يو اي اي تعاون جي فروغ ۾ سندس غيرمعمولي خدمتن جي اعتراف ۾ هلالِ قائداعظم جو ايوارڊ ڏنو آهي. سينيٽر محمد اسحاق پاڪستان جي صدر پاران ايوارڊ پيش ڪيو.