اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيب جي التوا هيٺ ڪيسن کي جلد کان جلد اڪلائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ملڪ مان ڪرپشن ۽ بدعنواني جو خاتمو حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، نيب مالياتي فراڊ جي متاثرين جي مدد ڪرڻ ۽ انهن جي رقم جي جلد واپسي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي احتساب بيورو جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ نذير احمد بٽ ملاقات ڪئي. نيب چيئرمين وزيراعظم کي قومي احتساب بيورو جي ٻه سالا ڪارڪردگي رپورٽ سال 24 – 2023ع پيش ڪئي. رپورٽ ۾ قومي احتساب بيورو جي هيڊڪوارٽرز ۽ علائقائي آفيسن جي ريڪوريز ۽ ڪارڪردگي جي حوالي سان تفصيل شامل آهن. وزيراعظم ملڪ مان بدعنواني جي خاتمي جي حوالي سان قومي احتساب بيورو جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته ملڪ مان ڪرپشن ۽ بدعنواني جو خاتمو حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ڪرپشن کان پاڪ پاڪستان جي ويزن جي تڪميل جي لاءِ نيب کي سموريون ضروري سهولتون ڏنيون وينديون، نيب مالياتي فراڊ جي متاثرين جي مدد ڪرڻ ۽ انهن جي رقم جي جلد واپسي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي. وزيراعظم نيب جي التوا هيٺ ڪيسن کي جلد کان جلد اڪلائڻ جي هدايت ڪئي. نيب چيئرمين ٻڌايو ته نيب گذريل ٻن سالن ۾ اربين رپين جي گهپلو ڪيل رقم جي ريڪوري ڪئي، نيب سوين ايڪڙ سرڪاري زمين غيرقانوني قبضي کان آجي ڪرائي جنهن جي ماليت اربين رپيا آهي، سال 24 – 2023ع دوران نيب 700 انڪوائريون مڪمل ڪيون ۽ 218 جاچ مڪمل ڪيون جڏهن ته 21 نوان ريفرنس داخل ڪيا. ملاقات ۾ قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ پڻ موجدو هو.