اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي امن جي بحالي جي اهميت تي زور ڏيندي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ او آءِ سي سميت سمورن سفارتي فورمز تي ايران جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي جڏهن ته ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان تڪرار جي پرامن حل کي فروغ ڏيڻ ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار جو اعتراف ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. وزيراعظم پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته پاڪستان وچ اوڀر ۾ تيزي سان اڀرندڙ صورتحال تي مستقل طور تي نظر رکي آهي. هن ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي امن جي بحالي جي اهميت تي زور ڏنو. هن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ او آءِ سي سميت سمورن سفارتي فورمز تي ايران جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ سمورين ڌرين تي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن جي پاسداري تي زور ڏنو. صدر پيز شڪيان تازي ڇڪتاڻ دوران پاڪستان جي مستقل ۽ اصولي حمايت تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن تڪرار جي پرامن حل کي فروغ ڏيڻ ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار جو پڻ اعتراف ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ان مشڪل ترين وقت ۾ امت جي وچ ۾اتحاد جي اهميت تي ۽ پاڻ ۾ رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.