اسلام آباد-24 جون (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان سان اڳوڻي گورنر، (ن) ليگ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ۽ اڳوڻي سينيٽر ظفر اقبال جهڳڙا هتي ملاقات ڪئي ۽ ملڪ جي مجموعي سياسي، معاشي ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري پڌرائيءَ موجب ٻنهي اڳواڻن موجوده حالتن ۾ پارليامينٽ جي اثرائتي ڪردار، جمهوري استحڪام ۽ عوامي ڀلائي لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو. ڊپٽي چيئرمين چيو ته موجوده حڪومت هڪ متوازن، عوام دوست ۽ ترقياتي بجيٽ پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ خاص طور تي غريب ۽ وچولي طبقي کي رليف فراهم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته مهانگائي ۽ بيروزگاري جهڙن چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سمورا امڪاني قدم کنيا پيا وڃن. سينيٽر ظفر اقبال جهڳڙا چيو ته معاشي پاڻڀرو ٿيڻ، شفافيت ۽ ڪفايت شعاري جي اصولن تي عملدرآمد وقت جي اهم ضرورت آهي. هن بلوچستان، اڳوڻي فاٽا ۽ پُٺتي پيل علائقن جي ترقيءَ کي قومي ترجيح قرار ڏيندي چيو ته انهن علائقن ۾ بنيادي سهولتن جي فراهمي، روزگار جا موقعا ۽ سيڪيورٽيءَ جي بهتريءَ لاءِ خاص پيڪيج ترتيب ڏيڻ گهرجن. ڊپٽي چيئرمين ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پارليامينٽ ملڪي پاليسي سازي ۾ هڪ فعال ۽ مُک ڪردار ادا ڪندو رهندو ۽ سمورين جمهوري قوتن کي گڏ کڻي هلڻ وقت جي ضرورت آهي.