اسلام آباد-24 جون (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته ريلوي ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن، وڏين ريلوي اسٽيشنن کي اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي، موبائل ايپ ذريعي ٽڪيٽ بُڪنگ کي وڌيڪ آسان بنائي رهيا آهيون، خوشحال خان خٽڪ ايڪسپريس کي بحال ڪيو ويو آهي، ريلوي جي ترقي سان ملڪ جي ترقي واڳيل آهي، شاهدره کان ڪوٽ لکپت تائين گرين بيلٽ بنائي پئي وڃي. اهڙو اظهار هن نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ريلوي جي 6 اسپتالن ۽ 14 اسڪول ۽ ڪالجز آئوٽ سورس ڪري رهيا آهيون، گالف اينڊ ڪنٽري ڪلب ۽ ريسٽ هائوسز کي به آئوٽ سروس ڪري رهيا آهيون، سليپر فيڪٽرين کي به آئوٽ سروس ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ريل گاڏين جي وقت بابت ڪا رعايت نه ڏني ويندي، ريلوي جي شعبي ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ڪوشان آهيون، ريلوي ٽريڪ جي بهتري لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ريلوي شعبي ۾ بهتري آڻڻ لاءِ انتظامي تبديليون ڪيون. هن چيو ته ريلوي جي بهتري لاءِ ريلوي جي اربين روپين جي زمين ڇڏرائي وئي، وڏين ريلوي اسٽيشنن کي اپگريڊ ڪيو پيو وڃي، موبائيل ايپ ذريعي ٽڪيٽ بڪنگ کي وڌيڪ آسان بنائي رهيا آهيون. اسان ٽرين هوسٽس جي سهولت متعارف ڪرائي آهي، ريلوي اسٽيشن تي کاڌي پيتي جي شين جو معيار بهتر بنايو ويو آهي، فريٽ ٽرينن جي آمدني ۾ اضافي لاءِ قدم کڻنداسين. هن چيو ته اسان ريلوي اسٽيشنن ۽ ريل گاڏين ۾ صفائي جي نظام کي بهتر بنايو آهي، ايل ڊبليو ايم سي سان صفائي معاهدي تي خاص توجه ڏئي رهيا آهيون، ريلوي جي ترقي ملڪ جي ترقي سان ڳنڍيل آهي. هن چيو ته پنجاب حڪومت ريلوي لاءِ 50 ارب روپين جا فنڊ مختص ڪيا آهن، پنجاب حڪومت ڊيزل ملٽي پل يونٽ 8 روٽس تي هلائڻ وڃي رهي آهي، پنجاب حڪومت طرفان ليول ڪراسنگ لاءِ 9 ارب روپيا رکيا ويا آهن، شاهدره کان ڪوٽ لکپت تائين گرين بيلٽ بنائي پئي وڃي. هن چيو ته 155 اسٽيشنن تي سولر لڳائڻ وارا آهيون.