اسلام آباد-24 جون (اي پي پي) هائوسنگ ۽ تعميرات واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده، جمهوريه ازبڪستان جي پاڪستان ۾ مقرر سفير علي شير تختائيف سان وزارت ۾ ملاقات ڪئي. وزارت جي ترجمان موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ رهائش، ڪميونل ترقي ۽ پائيدار شهري ترقيءَ جي شعبن ۾ سهڪار تي ڳالهيون ڪيون ويون. وفاقي وزير سفير جي آجيان ڪئي ۽ ازبڪستان جي تيزي سان ترقي ڪندڙ معيشت کي ساراهيندي گڏيل سهڪار جي وسيع امڪانن کي اجاگر ڪيو. هن پاڪستان ۾ رهائشي ضرورتن ۾ واڌ ۽ پاڻيءَ جي وڌندڙ کوٽ جي پسِ منظر ۾ پائيدار ۽ جديد حل اختيار ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو، جن ۾ ري سائيڪلنگ، گرين ڪنسٽرڪشن ۽ وسيلن جي اثرائتي شهري ترقياتي حڪمت عملي شامل آهي. سفير پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي ناتن کي اجاگر ڪيو ۽ شهري ترقي جي ميدان ۾ ازبڪستان جي تجربن جو ذڪر ڪيو. هن ٻُڌايو ته فيبروري 25ع ۾ تاشقند ۾ ٿيل ملاقات جو هڪ اهم نتيجو هائوسنگ ۽ ڪميونل سروسز لاءِ گڏيل ورڪنگ گروپ جو قيام هو. هن ازبڪستان ۾ جاري معاشي سڌارن، سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ واڌ ۽ هائوسنگ ۽ تعميرات جي شعبي ۾ پيش ايندڙ تبديلين تي روشني وڌي. هن رهائشي ترقي، واٽر ري سائيڪلنگ، گرين هائوسنگ ۽ سماجي انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ تربيتي ۽ صلاحيت سازي جي پروگرامن ۾ سهڪار جي آڇ ڪئي. ان کان علاوه سفير برسات جي پاڻيءَ کي محفوظ بنائڻ، سمارٽ ۽ گرين هائوسنگ، بلند عمارتن جي تعمير ۽ گهٽ آمدني وارن ماڻهن لاءِ سستي رهائش جهڙا ماڊلز ۽ تجربا پاڪستان سان شيئر ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. هن پبلڪ پروڪيورمينٽ، قانوني ۽ اداره جاتي سڌارن ۽ تعميراتي رجحانن ۽ پاليسي تي سهڪار ۽ بهترين تجربن جي ڏي وٺ جي تجويز به ڏني ۽ چيو ته ازبڪستان انهن شعبن ۾ پنهنجا فني تجربا پاڪستان سان شيئر ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي.