اسلام آباد-24 جون (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت شروع ڪيل ”هنرمند نوجوان پروگرام“ پنهنجي ڪاميابيءَ جو سنگ ميل پار ڪري ورتو، هاڻي تائين ان پروگرام ذريعي سڄي ملڪ ۾ 2 لک 17 هزار نوجوانن کي مختلف شعبن ۾ فني تربيت فراهم ڪئي وئي آهي. هڪ اعليٰ سرڪاري عهديدار مطابق ان پروگرام تحت نوجوانن کي آءِ ٽي، مينيوفيڪچرنگ ۽ ٽيڪسٽائل، اليڪٽريڪل، هاسپيٽيلٽي ۽ ٽوئر ازم، هيلٿ اينڊ لائف سائنسز ۽ بئنڪنگ ۽ فنانس جهڙن اهم شعبن ۾ عالمي معيار جي تربيت ڏني پئي وڃي. پروگرام ۾ شامل سمورن ڪورسز کي عالمي معيار مطابق ڊزائين ڪيو ويو آهي ته جيئن نوجوان عالمي سطح تي چٽاڀيٽي صلاحيت رکي سگهن. اها تربيت مڪمل طور تي مفت فراهم ڪئي پئي وڃي جنهن سان هزارين نوجوانن کي روزگار جا بهتر موقعا ملندا. تربيتي مرڪز جديد اوزار ۽ تعليمي طريقن سان ڀرپور آهن جتي نوجوانن کي عملي مهارتون فراهم ڪيون پيون وڃن. ان منصوبي جي ڪاميابيءَ جو وڏو سبب ان جي صنعت سان هم آهنگ حڪمت عملي آهي جيڪا نوجوانن کي ملازمت جي عملي ميدان لاءِ تيار ڪندي آهي. پروگرام نه صرف تعليم ۽ صنعت وچ ۾ خال کي گهٽ ڪيو آهي پر نوجوانن کي اهي هنر فراهم ڪيا آهن جيڪي اڄ جي دؤر ۾ سڀ کان وڌيڪ طلب ۾ آهن. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته وزيراعظم جو اهو قدم نوجوانن ۾ هنرمنديءَ کي هٿي وٺرائڻ ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان حڪومت جي عزم جو واضح ثبوت آهي.