اسلام آباد-25 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڏکڻ وزيرستان ۾ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي آپريشن ۾ شهيد ميجر معيز عباس ۽ لائنس نائيڪ جبران الله کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. پنهنجي پيغام ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته بهادر سپوٽن 11 ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري بهادري جو مثال قائم ڪيو آهي. اسپيڪر شهيدن جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته قوم توهان جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. هن چيو ته قوم پنهنجي بهادر پٽن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. ميجر معيز عباس ۽ لائنس نائيڪ جبران الله ڀارتي سرپرستي ۾ ٿيل دهشتگردي کي ناڪام بڻايو، شهيدن دشمن جا ناپاڪ ارادا مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيا، سندن قربانين کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن جو چوڻ هو ته اسان کي پنهنجي هٿياربند فوج ۽ انهن جي بهادر جوانن تي فخر آهي، دشمن انهن جوانن جي موجودگي ۾ پنهنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪامياب نٿا ٿي سگهن. اسپيڪر سردار اياز صادق شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.