اسلام آباد-25 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پارلياماني جمهوريت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پارليامينٽ ۽ ميڊيا وچ ۾ مضبوط ۽ اثرائتا رابطا انتهائي ضروري آهن، موجوده دؤر ميڊيا جو آهي ۽ ميڊيا موجوده دؤر ۾ ترقي ڪندي جديد رُخن تي پاڻ کي آندوآهي، ميڊيا جي هيمشه مُک حيثيت رهي آهي ۽ عوام جي حق جي ڄاڻ جو محافظ آهي، ميڊيا نمائندن جي محنت، ديانت ۽ حقيقتن تي ٻَڌل رپورٽنگ عوام کي باخبر ۽ نظام کي جوابداه بڻائي ٿي، هڪ شفاف پارليامينٽ ۽ آزاد ميڊيا ئي جمهوريت جو حقيقي روح آهي. پارليامينٽ هائوس ۾ پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي ميمبرن جي اعزاز ۾ ڏنل مانجهاندي کي خطاب دوران سيد يوسف رضا گيلاني ميڊيا جي ڪردار کي اڻٽر قرار ڏنو ۽ چيو ته اوهان جو قلم عوام ۽ اقتدار وچ ۾ هڪ پُل آهي، سچائيءَ کي اثرائتي انداز ۾ اجاگر ڪرڻ، ادارن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ قومي يڪجهتي کي هٿي وٺرائڻ ۾ ميڊيا جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي، اڄ جي موجوده دؤر ۾ ذميدار صحافت جي ضرورت پهريان کان ڪيترائي ڀيرا وڌي چڪي آهي، ڪوڙيون خبرون ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمز تي ڦهلايل غلط ڄاڻ عوامي اعتماد کي نقصان پهچائي ٿي. هن چيو ته مان وزيراعظم پاڪستان، اسپيڪر ۽ هاڻ سينيٽ چيئرمين جي حيثيت سان ميڊيا کي هٿي وٺرائڻ ۽ ميڊيا نمائندن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن. هن چيو ته منهنجو تعلق به صحافت جي شعبي سان رهيو آهي ۽ منهنجي خاندان جون سياست ۾ خدمتون 450 سالن تي ٻَڌل آهن. هن چيو ته مان گڏيل طور تي سينيٽ جو چيئرمين چونڊجو آهيان. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي 1973ع جي آئين جو تحفظ ڏنو ۽ بي بي شهيد بينظير ڀٽو ميثاقِ جمهوريت بنائي اهم ڪارنامو سرانجام ڏنو، جنهن ۾ آئين کي اصل حالت ۾ بحال ڪيو ويو جيڪو هڪ وڏو ۽ مشڪل ڪم هو، اها پارليامينٽ ۽ عوام جي طاقت هئي ته پاڪستان جي آئين کي اصل حالت ۾ بحال ڪيو ويو آهي. هن چيوته پاڪستان جي مٿئين ايوان صحافين جي حقن جي تحفظ لاءِ نمايان قانونسازي عمل ۾ آندي آهي ۽ ان کي درپيش چئلينجز جي حل لاءِ به اثرائتي حڪمت عملي ۽ قدم کنيا آهن. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته پارلياماني رپورٽرز عوام تائين حقيقتن تي ٻَڌل ڄاڻ جو سبب بڻجندا ۽ مان يقين ڏياريان ٿو ته پارلياماني صحافين کي جيڪي به مسئلا آهن انهن جي حل لاءِ اثرائتا قدم کنيا ويندا. هن چيو ته هو بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جو باني آهي جيڪو پاڪستان ۽ مون لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي. سيد يوسف رضا گيلاني پنهنجي صحافت جي استادن کي به خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته اهو سندن محنت جو نتيجو آهي ته مان اڄ اوهان آڏو انهن عهدن تي ڪم ڪيو. خطاب ڪندي ميڊيا بابت سينيٽ چيئرمين جي صلاحڪار ميان خرم رسول چيو ته سيد يوسف رضا گيلاني هميشه ملڪ ۾ جمهوريت ۽ صحافت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي آهي. هن چيو ته اڄ جي هن تقريب سان ان شخصيتن جي ياد تازي ٿي وئي جن پاڪستان جي قيام ۽ ملڪ ۾ جمهوريت ۽ صحافت جي آزاديءَ لاءِ پنهنجون قربانيون پيش ڪيون. تقريب کي خطاب ڪندي سينيئر صحافي ۽ باني پي آر اي حافظ طاهر خليل به سينيٽ چيئرمين جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته اميد آهي ته پي آر اي جي ميمبرن سان اهو رابطي وارو سلسلو هر سال جاري رهندو. هن چيو ته فيڪ نيوز جي حوصله شڪني ڪرڻ اسان سڀني جو فرض آهي، صحافي عوام، حڪومت، سياسي پارٽين ۽ پارليامينٽ وچ ۾ انتهائي اهم پُل جو ڪردار ادا ڪندا آهن، اسان کي نئين جدت سان پاڻ ذميداريون سرانجام ڏيڻ گهرجن ته جيئن پارليامينٽ ۽ عوام کي ان مان فائدو ٿي سگهي. اميد آهي ته سينيٽ چيئرمين مصنوعي ذهانت ذريعي پارليامينٽ کي جهڙيءَ طرح سجايو آهي، اهڙيءَ طرح پي آر اي کي به ڪيو ويندو. پي آر اي جي صدر عثمان خان سينيٽ چيئرمين، ميڊيا جي صلاحڪار ۽ سينيٽ ميڊيا جي آفيسرن جي ڀرپور سهڪار تي شڪريو ادا ڪندي چيو ته ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ پي آر اي جي مسئلن جي حل ۾ هميشه سهڪار ڪيو آهي. هن چيو ته صحافين کي ڪجهه مسئلا درپيش آهن، پگهارون نٿيون ملن، ان لاءِ انڊومينٽ فنڊ قائم ڪيا وڃن، پي آر اي جي ويب سائيٽ کي سينيٽ جي ويب سائيٽ ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ پارلياماني خدمتن واري اداري ۾ پي آر اي ميمبرن جي تربيت جو اهتمام ڪيو وڃي. سيڪريٽري پي آر اي نويد اڪبر شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته جمهوريت ۽ صحافت جو گهرو رشتو آهي، اميد آهي ته اسان جي مسئلن کي ترجيح بنيادن تي حل ڪيو ويندو. هن سينيٽ چيئرمين ۽ سينيٽ ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ جو شڪريو ادا ڪيو. سينيٽ چيئرمين پي آر اي جي صدر ۽ سيڪريٽري جنرل طرفان اُٿاريل معاملن کي جلد حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته اچو ته اسان سڀ گڏجي هڪ نئين دؤر جي شروعات ڪريون جتي سچائي، اصول پسندي ۽ پيشيوراڻي صحافت کي بالادستي حاصل هجي، جتي پارليامينٽ جو ڪردار واضح ۽ عوامي فهم موجب هجي، ميڊيا ۽ پارليامينٽ جي ڀائيواري گڏيل احترام ۽ اداره جاتي مضبوطي جو بنياد مستحڪم رهي. مانجهاندي ۾ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان، سيڪريٽري سينيٽ سيد حسنين حيدر ۽ پي آر اي جي ميمبرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.