ابوظهبي / اسلام آباد – 25 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٻيو دور ابوظهبي ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (وچ اوڀر) شهريار اڪبر خان ڪئي جڏهن ته گڏيل عرب امارات جي وفد جي قيادت سياسي معاملن بابت نائب معاون ريم ڪيتيت ڪئي. مشاورت دوران ٻنهي طرفن ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڌرين گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گهڻ رخي فورمز تي تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه کي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري گڏيل قدرن، گڏيل احترام ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي طرفن ٻطرفي لاڳاپن جي مثبت انداز کي ساراهيو ۽ موجوده اداراجاتي مڪينزم تحت ٿيندڙ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو جنهن ۾ گڏيل وزارتي ڪميشن ۽ قيادت جي سطح تي باقاعده مٽاسٽا شامل آهي. ٻطرفي سياسي مشاورت جي پڄاڻي ٻنهي ڌرين اعليٰ سطحي مٽاسٽا ۽ اداراجاتي مصروفيتن جي رفتار کي برقرار رکڻ ۽ گڏيل طور تي طئي ٿيل تاريخن تي مشاورت جو ايندڙ دور اسلام آباد ۾ گهرائڻ تي اتفاق ڪيو.