اسلام آباد-25 جون (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته پاڪستان سون، ٽامي، ڪوئلي، ناياب زميني معدنيات ۽ ٻين ڪريٽيڪل منرلز جهڙن معدني وسيلن سان مالامال ملڪ آهي، جيڪي تجديد جوڳي توانائي جي منتقلي لاءِ اڻٽر سمجهيا وڃن ٿا، ريڪوڊڪ منصوبو نه صرف پاڪستان جي معيشت لاءِ سنگ ميل آهي پر عالمي سطح تي توانائي ۽ معدنيات جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. اهڙو اظهار هن پاڪستان ۽ آمريڪا جي سفارتخاني جي سهڪار سان رٿيل هڪ ويبنار ”پاڪستان جي کاڻين جي شعبي ۾ موقعا- معدني وسيلن جي دريافت“ کي خطاب ڪندي ڪيو. ويبنار جو مقصد پاڪستان جي معدنيات ۽ کاڻين جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي آمريڪي سيڙپڪارن ۽ ڪمپنين تائين پهچائڻ آهي. ان آن لائن ايونٽ جو بندوبست وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ۽ آمريڪا جي پاڪستان ۾ ناظم الامور نيٽالي بيڪر، آئل اينڊ گيس ڊولپمينٽ ڪمپني جي هيڊ آفيس ۾ گڏيل طور تي ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ وفاقي وزير پاڪستان جي کاڻين جي شعبي جي وسيع امڪانن تي روشني وڌي. وفاقي وزير ريڪوڊڪ ٽامي ۽ سون جي منصوبن جي عالمي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ بلوچستان جي ضلعي چاغي ۽ ڪي پي ڪي ۾ وزيرستان جي علائقي ۾ تازي دريافتن بابت شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. هن پاڪستان جي ڪردار کي عالمي سطح تي صاف توانائي طرف منتقليءَ جي روشنيءَ ۾ اجاگر ڪندي ملڪ جي اهم معدنيات جي وسيع ذخيرن کي ان جي سبز منتقلي جو بنياد قرار ڏنو. هن چيو ته تجديد جوڳي توانائي جي ترقي اسان جي موسمياتي هدفن ۽ معاشي مستقبل لاءِ مرڪزي اهميت رکي ٿي، اسان ضروري معدنيات جي کاڻين کي سپورٽ ڪري ۽ ڪاروبار ۾ آسان کي بهتر بنائي ان تبديليءَ کي اڳتي وڌائي رهيا آهيون. وفاقي وزير چيو ته هلندڙ سال جي شروع ۾ رٿيل ”پاڪستان منرلز انويسٽمينٽ فورم 2025ع ۾ شرڪت ڪندڙن جو انگ 5 هزار کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته پي ايم آءِ ايف 25ع هڪ موڙ ثابت ٿيو جنهن پاڪستان کي عالمي معدني معيشت ۾ هڪ اهم ڌُر پيش ڪيو. هن آمريڪي ڪمپنين کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ گڏيل منصوبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. هن زور ڀريو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاڻ پاڪستان ۾ کاڻين جي شعبي جي ترقيءَ جي قيادت ڪري رهيا آهن، پاڪستان ۽ ايس آءِ ايف سي عالمي ڪمپنين کي هر قسم جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي ته جيئن پاڪستان جي وسيع معدني ذخيرن کي ڪتب آڻي سگهجي. آمريڪي ناظم الامور آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ ڊگهي مُدي واري معاشي ڀائيواري جي تصديق ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۾ معدنيات جي شعبي ۾ بي پناهه موقعا آهن. ريڪوڊڪ ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي ٽامي ۽ سون جي ذخيرن سان گڏوگڏ معاشي سڌارن جي مضبوط عزم سان هي آمريڪي سيڙپڪارن لاءِ سيڙپڪاريءَ جو صحيح وقت آهي. نيٽالي بيڪر پاڪستان جي تازي پاليسي ڪوششن کي ساراهيو جن جو مقصد کاڻين جي شعبي جي صلاحيت کي وڌائڻ آهي ۽ آمريڪي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ سفارتخاني جي حمايت جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته اسان هتي رابطن کي آسان بنائڻ ۽ فائديمند ڀائيواري قائم ڪرڻ لاءِ موجود آهيون، آمريڪي سيڙپڪارن ڊگهي عرصي کان پاڪستان جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اسان کي منرلز شعبي ۾ وڏي اميد نظر اچي رهي آهي. آمريڪي سيڙپڪارن سان سوال ۽ جواب جو سيشن به منعقد ٿيو ته جيئن ڪنهن به شڪ يا سوالن کي حل ڪري سگهجي. پڄاڻي واري ڳالهين ۾ نيٽالي بيڪر پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ ٻه طرفي اقتصادي ناتن کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ آمريڪي حڪومت جي عزم جي تجديد ڪئي. هن چيو ته اسان پاڪستان جي صلاحيت تي يقين رکون ٿا ۽ اسان ان جي شموليت تي ٻَڌل پائيدار ترقيءَ جي سفر ۾ گڏيل موقعا ڏسون ٿا. ويبنار ۾ پاڪستان جي پيٽروليم ڊويزن جي اعليٰ عهديدارن، پاڪستان جي ناليواري معدنيات ۽ توانائي ڪمپنين، خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي نمائندن، آمريڪا جي اعليٰ سفارتڪارن ۽ توانائيءَ جي شعبي سان واڳيل اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. سيڪريٽري پيٽروليم مؤمن آغا، او جي ڊي سي ايل، جي ايم ڊي احمد حيات لڪ، جي ايڇ پي ايل ۽ ماري انرجيز جي ايم ڊي، ڊائريڪٽر جنرل مائنز، پي ايم ڊي سي جي ايم ڊي ۽ آرڪ ميٽلز، بي ايم اي سي، بي ايم آر ايل ۽ پي پي ايل جي اعليٰ نمائندن کان علاوه آمريڪي سفارتخاني جي اڪنامڪ قونصلر ۽ انرجي آفيسر پڻ شرڪت ڪئي، جڏهن ته ڪيترن آمريڪي ڪاروباري نمائندن خاص طور تي آن لائين ويبنار ۾ حصو ورتو.