اسلام آباد-25 جون (اي پي پي) موسميات کاتي چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته گذريل رات کان جولاءِ دوران تيز برسات سبب مري، گليات، مانسهره، ڪوهستان، دير، سوات، شانگله، نوشهره، صوابي، اسلام آباد/ راولپنڊي، ڊي جي خان، اتر اوڀر پنجاب ۽ ڪشمير ۾ مقامي/ برساتي ندي نالن ۾ ٻوڏ جو خدشو آهي. شديد برساتن سبب اسلام آباد/ راولپنڊي، گوجرانواله، لاهور، سيالڪوٽ، سرگوڌا، فيصل آباد، نوشهره، چارسده ۽ پشاور جي هيٺين علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو انديشو آهي، طوفاني/ جهڪ هلڻ ۽ گجگوڙ سبب روزانو جي معمولات متاثر ٿيڻ، ڪمزور انفراسٽرڪچر (بجلي جي ٿنبن، گاڏين، سولر پينل وغيره) کي نقصان جو انديشو آهي، شديد برساتن سبب خيبر پختونخوا، مري، گليات، ڪشمير ۾ ڇپون ڪرڻ سبب ٽريفڪ جي اچ وڃ متاثر ٿيڻ جو خطرو آهي. موسميات کاتي مطابق ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪشمير، خيبر پختونخوا، اسلام آباد ۽ مٿانهين/ وچولي پنجاب ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تيز برسات جو امڪان آهي، ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم گرم ۽ شديد حبس برقرار رهڻ جو امڪان آهي. خميس ڏينهن ڪشمير، خيبر پختونخوا، اسلام آباد ۽ مٿانهين/ وچولي پنجاب ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جڏهن ته ڪٿي ڪٿي تيز برسات جو امڪان آهي. ڏاکڻي پنجاب، اتر اولهه سنڌ ۽ اتر اوڀر/ ڏکڻ بلوچستان ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسلام آباد، مٿانهين پنجاب، ڪشمير ۽ خيبر پختونخوا ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي تيز برسات ٿي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهي. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد دالبندين ۾ 46، سبي، جيڪب آباد، ڀڪر، بهاولنگر، دادو، نوڪنڊي ۽ چلاس ۾ 45 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.