تهران-25 جون (اي پي پي) ايران جي پارليامنٽ، ايٽمي توانائي جي عالمي اداري (آءِ اي اي اي) سان سهڪار معطل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق 290 رڪني ايراني پارليامينٽ ۾ اربع ڏينهن آءِ اي اي اي سان سهڪار کي معطل ڪرڻ جي معاملي تي ووٽنگ ٿي. سرڪاري ٽي وي مطابق 221 ميمبرن ان جي حق ۾ ووٽ ڏنو ۽ هڪ ميمبر غير حاضر رهيو. ووٽنگ وقت پارليامينٽ ۾ موجود ميمبرن مان ڪنهن به مخالف ۾ ووٽ نه ڏنو. ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر غالب ان موقعي تي چيو ته عالمي ايٽمي توانائي اداري، ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي حملن جي معمولي مذمت ڪرڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ ائين ان اداري پنهنجي عالمي ساک وڃائي ڇڏي آهي. هن چيو ته ايران جي ائٽمي توانائي جي تنظيم ان وقت تائين آءِ اي اي اي سان پنهنجو تعاون معطل رکندي جيستائين ايران جي ائٽمي ٺڪاڻن جي ضمانت نٿي ڏني وڃي. واضح رهي ته ان فيصلي جي هن وقت تائين ايران جي شوريٰ نگهبان کان منظوري باقي آهي، جيڪو قانون سازي جي حوالي سان بااختيار ادارو آهي.