رياض – 25 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عھد شھزاده محمد بن سلمان سان ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. پرڏيھي ميڊيا مطابق رابطي دوران سعودي ولي عھد ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگبندي جي معاھدي جي آجيان ڪئي. ھن مملڪت طرفان ان اميد جو اظھار ڪيو ته ”جنگبندي خطي ۾ سيڪيورٽي ۽ استحڪام جي بحالي ۽ وڌيڪ تڪرار جي خطري کي روڪڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. شھزاده محمد بن سلمان تڪرار جي حل لاءِ ترجيحي طور سفارتي ڳالھين جي حمايت جي ڊگھي عرصي واري موقف جو ورجاءُ ڪيو. ايران جي صدر اسرائيلي جارحيت جي مذمت ۾ سعودي عرب جي موقف تي شڪريو ادا ڪيو. ايران جي صدر علائقي جي سيڪيورٽي ۽ استحڪام جي بحالي جي ڪوششن ۾ سعودي ولي عھد جي ڪردار کي واکاڻ جوڳو قرار ڏيندي چيو ته ايران عالمي اصولن تحت مسئلن جي حل لاءِ آمريڪا سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آھي. اسان ڪڏھن به پنھنجي حق کان ٻاھر مطالبو ناھي ڪيو. ھن جو چوڻ ھو ته اسان پنھنجي دوست ۽ ڀائر ملڪن طرفان ڪنھن به مدد جي آجيان ڪيون ٿا.