اسلام آباد-25 جون (اي پي پي) پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل پاڪستاني انجنيئرن جي عالمي سطح تي سڃاڻپ ۽ ملازمت جي موقعن ۾ اضافي لاءِ وڏي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. پاڪستان کي انٽرنيشنل پروفيشنل انجنيئرز ايگريمينٽ جي مڪمل ميمبرشپ ۾ وڌيڪ 6 سالن جي واڌ ملي وئي آهي. اهو اعلان انٽرنيشنل انجنيئرنگ الائنس تحت ٿيل سالياني گڏجاڻي 2025ع دوران ڪيو ويو جيڪا ميڪسيڪو ۾ منعقد ٿي. ان اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي سينئر وائيس چيئرمين انجنيئر ڊاڪٽر سحروش لوڌي ڪئي. آءِ پي اي اي هڪ عالمي معاهدو آهي جيڪو ميمبر ملڪن وچ ۾ تجربيڪار ۽ پروفيشنل انجنيئرز جي سرحد پار پيشيوراڻي شڃاڻپ کي ممڪن بڻائي ٿو. ان واڌ کانپوءِ پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل ۾ رجسٽرڊ انٽرنيشنل پروفيشنل انجنيئرز کي آءِ پي اي اي جي سمورن ميمبر ملڪن ۾ بنا ڪنهن اضافي جاچ جي پيشيوراڻي شڃاڻپ حاصل رهندي. اها اڳڀرائي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان عالمي معيار جي انجنيئرنگ اصولن، ضابطن ۽ عملن تي پورو لهي رهيو آهي. پاڪستان کي پهرين ڀيرو جون 2018ع ۾ آءِ پي اي اي جي مڪمل ميمبرشپ ملي هئي جنهن کان اڳ هڪ سخت عالمي جائزو عمل مڪمل ڪيو ويو هو. ان کانپوءِ پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل انٽرنيشنل پروفيشنل انجنيئرز جو لقب ڏيڻ لاءِ هڪ مضبوط نظام جوڙيو ويو، جنهن پاڪستاني انجنيئرن جي عالمي ساک ۽ روزگار جي موقعن ۾ واضح اضافو ڪيو. هاڻي 6 سالن جي توسيع ان ڳالهه جي نشاني آهي ته پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل عالمي انجنيئرنگ اصولن، تربيت ۽ اخلاقيات تي مستقل عمل ڪري رهيو آهي. پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي چيئرمين انجنيئر وسيم نذير ان واڌ کي پاڪستان جي انجنيئرنگ برادري لاءِ هڪ سنگ ميل قرار ڏنو. هن چيو ته اها تجديد ان ڳالهه جي تصديق آهي ته عالمي برادري پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي ضابطن واري نظام ۽ اسان جي انجنيئرن جي پيشيوراڻي صلاحيت تي اعتماد رکي ٿي، ان سان پاڪستاني انجنيئرن لاءِ سڄي دنيا جي منصوبن ۾ ڪم ڪرڻ جا موقعا وڌندا ۽ پاڪستان جي عالمي انجنيئرنگ منظرنامي ۾ موجودگي وڌيڪ مضبوط ٿيندي. ان واڌ کانپوءِ پاڪستاني انجنيئرنگ ڪائونسل جو ارادو آهي ته انٽرنيشنل پروفيشنل انجنيئرز جي رجسٽريشن جي عمل کي وڌيڪ آسان بڻايو وڃي، انجنيئرنگ جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙن تائين پهچ کي وڌايو وڃي ۽ عالمي تعاون کي هٿي ڏني وڃي، اها ڪاميابي نه رڳو پاڪستاني انجنيئرن کي عالمي سڃاڻپ کي بهتر بڻائي ٿي، پر پاڪستان جي وڌندڙ عالمي ڪردار جي به عڪاسي ڪري ٿي.