اسلام آباد-25 جون (اي پي پي)پاڪستان ۽ آمريڪا جاري ڳالهين تي اطمينان جو اظهار ڪندي واپاري ڳالهين کي ايندڙ هفتي تائين مڪمل ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو آهي. ناڻي واري وزارت طرفان جاري بيان موجب ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ۽ آمريڪا جي واپار واري سيڪريٽري هاورڊ لٽنڪ وچ ۾ گڏيل ٽيرفس بابت ورچوئل گڏجاڻي جي منعقد ٿي. گڏجاڻي دوران ڌرين جاري ڳالهين تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ڌرين واپاري ڳالهين کي ايندڙ هفتي تائين مڪمل ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو. واپاري معاهدي کانپوءِ گڏيل مفادن تي ٻڌل هڪ جامع حصيداري جوڙڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. اها حصيداري اسٽريٽجڪ ۽ سيڙپڪاري جي شعبن سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن رخن جو جائزو وٺندي. ٻنهي ملڪن لاءِ هڪجهڙا فائد حاصل ڪرڻ لاءِ ڳالهين جو محور واپار، سيڙپڪاري ۽ معاشي رابطن کي وڌيڪ گهرو ۽ موثر بڻائڻ هو. ان ڏس ۾ فني سطح تي ڳالهيون ايندڙ هفتي مڪمل ڪرڻ جو امڪان آهي. ٻنهي ملڪن جلد کان جلد واپاري معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ تي اعتماد جو اظهار ڪيو.اي