اسلام آباد-25 جون (اي پي پي) واپار بابت وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا احسان افضل سان برطانيه جي واپاري نمائندي محمد ياسين ملاقات ڪئي. پريس رليز موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ اقتصادي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ گڏيل عمل کي وڌائڻ تي ڳالهيون ٿيون. شرڪت ڪندڙن ٽيڪنالاجي، زراعت، ٽيڪسٽائل ۽ تجديد جوڳي توانائي جهڙي ترقي ڪندڙ شعبن ۾ موجوده وسيع واپاري امڪانن تي زور ڀريو ته جيئن ٻنهي ملڪن جي معاشي ترقي کي هٿي وٺرائي سگهجي. ملاقات ۾ آئينده ٿيندڙ پاڪستان- برطانيه ٽريڊ ڊائلات به خيالن جي ڏي وٺ ٿي جنهن کي ڌُرين ڀائيواريءَ کي گهرو ڪرڻ، واپاري رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ نوان موقعا تلاش ڪرڻ لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم قرار ڏنو. واپاري شين ۽ خدمتن جي جدت بابت حڪمت عملي تي ڳالهيون ڪيون ويون جن ۾ فارماسيوٽيڪل، آءِ ٽي سروسز ۽ گرين سروسز ۽ گرين ٽيڪنالاجي جهڙن شعبن ۾ واپار کي وسعت ڏيڻ جي حوالي سان ڳالهيون ٿيون. ڌُرين واپاري ڳاڻيٽي ۾ واڌ ۽ جدت تي ٻَڌل واپار کي هٿي وٺرائڻ تي اتفاق ڪيو.