ڪراچي-25 جون (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي مالي سال 2025-26 لاءِ صوبائي بجيٽ منظور ڪري ورتي آهي، بجيٽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پيش ڪئي. بجيٽ جو ڪل ڪاٿو 3450 ارب روپيا آهي، جيڪو گذريل مالي سال جي ڀيٽ 12.9 سيڪڙو وڌيڪ آھي. 6 مختلف ٽيڪسن جو خاتمو يا انهن جي واپسي خاص طور تي پروفيسنل ٽيڪس عوام لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو، جڏهن ته رڳو پروفيسنل ٽيڪس جي خاتمي سان ئي 5 ارب رپين جو ريليف ملندو. هي بجيٽ سماجي تحفظ، انفراسٽرڪچر جي ترقي، معاشي سڌارن ۽ غريب طبقن لاءِ جامع رليف قدمن تي زور ڏئي ٿو. اسيمبليءَ جي ميمبرن صوبائي ڪنسوليڊيٽڊ فنڊ مان ڪيل خرچن تي بحث ڪيو ۽ مالي سال 2024-25 لاءِ ضمني بيانن تي گرانٽس جي مطالبن جو جائزو وٺڻ ۽ انهن تي ووٽنگ ڪئي. انهن مطالبن جو مجموعي انگ 188 هو، جن جي خلاف مخالف ڌر 2002 ڪٽوتي رٿون پيش ڪيون پر اڪثريتي ووٽن سان سڀني ڪٽوتي رٿن کي رد ڪيو ويو، جڏهن ته اڪثر ڪٽوتي رٿن کي گڏ ڪري رد ڪيو ويو. صوبائي اسيمبلي بحث ۽ ووٽنگ کانپوءِ مالي سال 2025-26 لاءِ گرانٽس جي مطالبن کي منظور ڪري ورتو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايوان ۾ سنڌ فنانس بِل 2025ع پيش ڪيو، جنهن جو مقصد مختلف ٽيڪسن ۽ ڊيوٽيز کي متوازن بڻائڻ ۽ لاڳاپيل قانون ۾ ترميم ڪرڻ آهي. حڪومت جيڪي سڌارا متعارف ڪرايا آھن انھن ۾ بلاڪ چين ٽيڪنالاجي جي مدد سان زمين جي رڪارڊ جي ڊيجيٽلائيزيشن، موبائل ايپ ذريعي آن لائن پيدائش جي رجسٽريشن، سنڌ ڪوآپريٽو بينڪ ذريعي ھارين کي قرضن جي آسان پهچ ۽ زمين جي ملڪيت جي منتقلي لاءِ ون اسٽيپ سسٽم جاري ڪرڻ شامل آهي. بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن لاءِ 43 ارب رپين جو ايڊھاڪ ريليف الاؤنس ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو اضافي لاءِ 16 ارب رپيا رکيا ويا آهن. وڏي وزير مالي سال 2025-26 لاءِ 6 ٽيڪسن جي خاتمي جو اعلان ڪيو، جن ۾ پروفيسنل ٽيڪس جيڪو پگھاردار ۽ ننڍن ڪاروباري ماڻهن تي لاڳو ٿيندو هو اهو هاڻي مڪمل طور تي ختم ڪيو ويو آهي. پروفيشنل ٽيڪس جي خاتمي سان عوام خاص طور تي پگھاردار طبقو ۽ ننڍا واپاري 5 ارب رپيا جو رليف حاصل ڪندا. صوبي ۾ ثقافتي ۽ تفريحي سرگرمين جي واڌاري لاءِ انٽرٽينمينٽ ڊيوٽي کي پڻ ختم ڪيو ويو آهي، موٽيشـن، سيلز سرٽيفڪيٽس، تصديق ٿيل نقل، سالوينسي ۽ وارثت سرٽيفڪيٽس جي فيسن ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي. ڪمرشل گاڏين جو ساليانو ٽيڪس 1000 روپين تائين محدود ڪيو ويو آهي ۽ انٽرٽينمينٽ ڊيوٽي، پاڻي جي نيڪال سيـس ۽ ڪپهه فيس کي وچولي درجي جو بڻايو ويو آهي. اهم ادارن لاءِ وڏي رقم رکي وئي آهي جن ۾ عوامي يونيورسٽين لاءِ 42.2 ارب رپيا، طبي تعليم لاءِ 10.4 ارب رپيا، خصوصي ماڻهن لاءِ انڪليوسو سٽي لاءِ 5 ارب رپيا، سنڌ انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ اينڊ نيو نيٽالاجي لاءِ 6.6 ارب رپيا، ايمبولينس سروسز لاءِ 5.2 ارب رپيا رکيا ويا آهن. وڏي وزير بجيٽ پيش ڪندي اهم معاشي انگن اکرن جو ذڪر ڪيو، جنهن ۾ هن چيو ته پاڪستان جي قومي جي ڊي پي واڌ جو هدف 2025-26 لاءِ 4.2 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو 2024-25 ۾ 2.68 سيڪڙو هو. مهانگائي جو هدف 7.5 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته هن سال اهو 4.7 سيڪڙو هو. ايف بي آر لاءِ 2025-26 جو هدف 14,131 ارب رپيا رکيو ويو آهي. ڪل خرچن ۾ 2150 ارب رپين جو ڪرنٽ ريونييو ايڪسپينڊيچر شامل آهي جيڪو بجيٽ جي ڪل ڪاٿي جو 62 سيڪڙو آهي، ان ۾ پگھارون، پنشنز، گرانٽس، آپريشنز ۽ مينٽيننس شامل آهن. ترقياتي خرچن جو بجٽ جو 30 سيڪڙو آهي جنهن جي رقم 1018.3 ارب رپيا آهي ۽ ان ۾ ساليانو ترقياتي پروگرام پرڏيهي معاونت سان هلندڙ منصوبا ۽ ضلعن لاءِ ترقياتي منصوبا شامل آهن. ڪيپٽل خرچن جي رقم 281.7 ارب رپيا آهي جيڪا قرضن جي واپسي، ويبلٽي گيپ فنڊنگ ۽ سيڙپڪاري جي مد ۾ استعمال ٿيندي. ڪرنٽ ريونييو خرچن ۾ 39 سيڪڙو پگھارن لاءِ رکي وئي آهي، 29 سيڪڙو گرانٽس لاءِ (جن ۾ مقامي حڪومتون ۽ خودمختار ادارا شامل آهن)، 19 سيڪڙو غير پگھاردار آپريٽنگ خرچ ۽ مينٽيننس لاءِ رکيا ويا آهن ۽ 13 سيڪڙو پينشنز لاءِ رکيو ويو آهي. گذريل مالي چيلينجن ۽ 2024-25 جي بجيٽ ڪاٿن جي ڀيٽ ۾ 3.6 سيڪڙو جي گهٽتائي باوجود صوبائي حڪومت وڏي بحالي جي اميد رکي آهي. مالي سال 2025-26 لاءِ 3111.5 ارب روپين جي اوڳاڙين جو امڪان آهي، جيڪي 2562.7 ارب رپين جي نظرثاني ٿيل ڪاٿن جي ڀيٽ ۾ 21.4 سيڪڙو جو اضافو آهن. اڳين ٽن سالن ۾ سنڌ کي 12.5 سيڪڙو سالياني روينيو گروٿ جي اميد آهي. جيڪڏهن فيڊرل بورڊ آف ريونيو پنهنجو نظرثاني ٿيل هدف 11.7 ٽريلين رپيا جون 2025ع تائين حاصل ڪري ٿو ته سنڌ کي وفاقي قابل تقسيم ٽيڪسن ۾ اٽڪل 269 ارب رپين جو حصو ملڻ جي اميد آهي. صوبائي ساليانو ترقياتي پروگرام جيڪو 1.018 ٽريلين روپين جي ترقياتي خرچن جو اهم حصو آهي، ان ۾ ڪيترائي اهم ترقياتي منصوبا شامل آهن. زراعت ۽ ڳوٺاڻي مدد لاءِ بينظير هاري ڪارڊ اسڪيم تحت 8 ارب رپيا، 1.8 ارب رپيا مال مويشن جي نسل بهتر ڪرڻ، زرعي مشينڪاري لاءِ سولر ٽيوب ويل، ڊرپ ايريگيشن سسٽم ۽ سپر سيڊرز سبسڊي تي مهيا ڪرڻ لاءِ فنڊز، گهٽ آمدني وارن لاءِ رهائشي اسڪيمن تحت 2 ارب رپيا، رهائشي منصوبا، سماجي ڀلائي لاءِ سنڌ پيپلز سپورٽ پروگرام تحت 2 ارب رپيا، 200 ملين رپيا يتيم ٻارن ۽ بيواهن جي مدد لاءِ ۽ عورتن جي با اختياري لاءِ 500 ملين رپيا، عورت زرعي ورڪرن، 500 ملين رپيا، ايس ايم اي ڊولپمينٽ لاءِ صحت جي شعبي ۾ واڌاري لاءِ لاڙڪاڻي ۾ ايس آءِ يو ٽي جو مڪمل مرڪز 4.5 ارب رپيا، ايس آءِ يو ٽي لاءِ 21 ارب رپيا، اين آءِ سي وي ڊي لاءِ 23 ارب رپيا، پي پي ايڇ آءِ لاءِ 16.5 ارب رپيا ۽ لاڙڪاڻي ۾ نئين اسپتال لاءِ 10 ارب رپيا شامل آھن. ان کان علاوه تعليم ۽ خاص ضرورتن لاءِ اسڪول مخصوص بجيٽ، معذور ماڻهن لاءِ وڌايل وظيفا ۽ مددگار اوزارن جو انگ 20 هزار کان وڌائي 40 هزار ڪرڻ لاءِ فنڊز رکيا ويا آھن. نوجوانن جي ترقي لاءِ صوبي جي مختلف علائقن ۾ 27 يوٿ ڊولپمينٽ سينٽرز جو قيام، پاڻي جي اسٽرڪچر لاءِ ڊملوٽي – ڊي ايڇ اي واٽر پائپ لائين لاءِ 10 ارب رپيا ۽ حب ڪئنال لاءِ 3.1 ارب رپيا، قابل تجديد توانائي لاءِ گرين انرجي تحت 25 ارب رپين جي بلاڪ الاٽمينٽ ۽ ايس ڊي جي سان لاڳاپيل عوامي صحت جي قدمن لاءِ 45 ارب رپيا شامل آھن. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه بجيٽ کي ”هڪ ذميوار، جامع ۽ اڳتي وڌندڙ مالي منصوبو“ قرار ڏنو، جيڪو جامع واڌاري، برابري ۽ ڪارڪردگي تي ٻڌل آهي. هن چيو ته هي بجيٽ اُنهن معاشي مشڪلاتن جو جواب آهي جن کي ماڻهن کي منهن ڏيڻو پيو ۽ هي سنڌ جي بحالي لاءِ هڪ روڊ ميپ آهي جيڪو موقعن ۽ سماجي انصاف سان تعمير ڪيو ويندو.