دبئي – 25 جون (اي پي پي) گڏيل عرب امارات ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگبندي جي اعلان جي آجيان ڪندي ان ڇڪتاڻ ۾ گھٽتائي کي اھم قدم قرار ڏنو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق پرڏيھي وزارت جي بيان ۾ چيو ويو آھـي ته ان سان خطي ۾ استحڪام لاءِ سازگار ماحول پيدا ٿيندو. بيان ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪوششن ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني جي تعميري ڪردار کي ساراھيو ويو جن ان معاھدي ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. بيان ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ کي روڪڻ ۽ علائقي ۾ انساني ۽ سلامتي جي اثرن کي گھٽ ڪرڻ لاءِ مسلسل ۽ اثرائتي ھم آھنگي جي اھميت تي زور ڀريو.گڏيل عرب امارات پنھنجي ڊگھي موقف جو ورجاءُ ڪندي چيو ته علائقي کي وڌيڪ تڪرار کان بچائڻ لاءِ تحمل، سياسي حل ۽ جامع ڊائلاگ کي ترجيح ڏني وڃي ڇو ته تڪرار نه رڳو ترقي جي امڪانن کي متاثر ڪندا آھن پر عوام جي سلامتي کي به خطري ۾ وجھندا آھن. امارات علائقائي ۽ عالمي شراڪتدارن سان گڏجي امن جي بنيادن کي مستحڪم ڪرڻ علائقي ۽ عالمي سلامتي، استحڪام ۽ ترقي کي ھٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.