اسلام آباد-25 جون (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جو اجلاس خميس صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. اربع ڏينهن اجلاس ۾ مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن جي مالي مطالبن جي منظوري کانپوءِ قومي اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق خميس جي صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. اجلاس ۾ خميس ڏينهن مالي بل 2025ع جي منظوري ڏني ويندي.