اسلام آباد – 25 – جون (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ سان جمهوريه ڪوريا جي عهدو ڇڏيندڙ سفير پارڪ ڪيجون پرڏيهي آفيس ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (ايشيا ۽ بحرالڪاهل) عمران احمد صديقي پاران سفير جي اعزاز ۾ الوداعي مانجهاندو پڻ ڏنو ويو. پرڏيهي سيڪريٽري ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ سفير پارڪ ڪيجون جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ پاڪ ڪوريا لاڳاپن ۾ مسلسل اڳڀرائي جي اميد جو اظهار ڪيو. ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري عمران احمد صديقي پڻ سفير جي تعاون کي ساراهيندي ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته جمهوريه ڪوريا جو ايندڙ سفير پاڪ ڪوريا لاڳاپن جي مثبت رفتار کي اڳتي وڌائيندو.