لاهور-29 مئي (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ راندين جو عالمي ڏينهن 30 مئي جمعي ڏينهن ملهايو ويندو. ان سلسلي ۾ ورلڊ اٿليٽڪس ايسوسيئيشن راندين واري وفاقي وزير پاڪستان اسپورٽس ڊپارٽمينٽ پنجاب ۽ ٻين ادارن جي سهڪار سان لاهور سميت ملڪ ۾ راندين جي اهميت بابت آگاهي فراهم ڪرڻ لاءِ تقريبن جو بندوبست ڪيو ويندو. اليڪٽرانڪ ميڊيا تي پروگرامز ۽ پرنٽ ميڊيا تي مضمون شايع ڪيا ويندا.